انتظامي لاپرواهي ! لاکڙا ڪول مائنز ۾ رسو ٽٽڻ سبب 3 پورهيت کاڻ ۾ ڪري فوت
جُولاءِ 12, 2024
مانجھند (رپورٽ: يعقوب ڪوريجو) لاکڙا ڪول مائنز ۾ ڪوئلي کاڻ ۾ رسي ٽٽڻ سبب ٽي پورهيت ڪري فوت، صوبائي وزير ناصر شاهه نوٽيس ورتو. لاکڙا ڪول مائنز جي ڪوئلي کاڻ ۾ ڪوئلي جي کوٽائي لاءِ ويندڙ 3 پورهيت رسي ٽٽڻ سبب کاڻ ۾ ڪري فوت ٿي ويا، پورھيتن کي مزدورن پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪوئلي کاڻ مان ڪڍي ڪول مائنز ٿاڻي تان راھداري وٺي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جتي پوسٽ مارٽم بعد ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا،فوت ٿي ويل پورھيتن ۾ حضرت پٺاڻ، فضل خان ۽ خان ولي شامل آھن، جڏھن ته ٽنھي پورھيتن جو تعلق ڪي پي ڪي سان ٻڌايو پيو وڃي
واقعو کاڻ مالڪ جي ڪوتاهي سبب پيش آيو: ڊي جي ڪول مائنز
مانجھند: ڊي جي ڪول مائنز مشتاق سومرو جو چوڻ ھيو ته صوبائي وزير پاران کاڻ مالڪ خلاف ڪارروائي لاءِ کين سخت ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن، ڊي جي ڪول مائنز مطابق واقعو کاڻ مالڪ جي ڪوتائي سبب پيش آيو. چيف انسپيڪٽر مائنز کي واقعي واري ھنڌ روانو ڪيو ويو آھي جيڪو واقعي واري ھنڌ پھچي کاڻ جو جائزو وٺندو ۽ کاڻ مالڪ خلاف جلد ڪارروائي ڪئي ويندي
معدنيات جي صوبائي وزير پاران ڪمپني انتظاميا خلاف ڪارروائي جو حڪم
مانجھند: ڪوئلي کاڻ ۾ ٿيندڙ واقعي جو معدنيات جي وزير ناصر شاھ نوٽيس وٺي ڪمپني انتظاميا خلاف ڪارروائي جو حڪم جاري ڪيو آهي
جلدي ڪم لاءِ مزدورن کي بنا سيفٽي ڪٽ جي رسي ذريعي کاڻ اندر اماڻيو ويندو آهي: ذريعا
مانجھند: لاکڙا ڪول مائنز جي اڪثر ڪمپنين ۾ مزدورن جي سيفٽي مطابق کين ڊپ ذريعي کاڻ ۾ موڪليو ويندو آھي ته جيئن سندن کي ڪو نقصان نه ٿي سگھي پر ٺيڪيدار پاران ٽائيم جي بچاءُ لاءِ کين کوھ مان رسي ذريعي موڪليو ويندو آھي ته جيئن جلدي کاڻ اندر پھچي پورهيت وڌيڪ ڪوئلي ڪڍي سگھن جيڪو پورھيتن لاءِ خطرناڪ آھي. مائنز انسپيڪٽر ۽ انچارج جي لاپرواھي سبب ٽي انساني جانيون اجل جو شڪار ٿي ويون