مدئجي ويجهو ڳوٺ ماڻڪ جي وانڍ ۾ گهر کي اوچتو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 معصوم ٻارڙا سڙي فوت
مَي 24, 2024
مدئجي ويجهو ڳوٺ ماڻڪ جي وانڍ ۾ گهر کي اوچتو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 معصوم ٻارڙا سڙي فوت، محمد عمر جتوئي جي گهر ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ مان باهه لڳڻ سبب راند کيڏندڙ 2 سڳا ڀائر 4 سالن جو مٿير ۽ ٻن سالن جو شهزور سڙي فوت ٿيا، گهر جو الهه تلهه به سڙي رک ٿي ويو، اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائي معصوم ٻارڙن جا لاش ڪڍي ورتا