مارشل لا فوج نه پر هڪ شخص لڳائيندو آهي، ڀٽو ڪيس فوج ۽ عدليه لاءِ غلطي سڌارڻ جو موقعو آهي: چيف جسٽس

فيبروري 21, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ذوالفقار علي ڀٽو صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا ڀٽو ڪيس فوج ۽ سپريم ڪورٽ لاءِ پنهنجي غلطي درست ڪرڻ ۽ ساک بحال ڪرڻ جو موقعو نه آهي؟ ڇا هي موقعو نه آهي ته ٻئي ادارا پنهنجي مٿان لڳندڙ الزامن مان جان ڇڏائين؟ چيف جسٽس چيو ته فوج بطور ادارو مارشل لا نه لڳائيندي آهي، هڪ شخص جو اهو انفرادي عمل هوندو آهي، ڇا هي موقعو ناهي ته غلط ڪمن جو بار فردن تي وجهي ادارن کي لاتعلق ڄاڻائجي، ڇا ائين ڪرڻ سان قوم جو زخم نه ڀربو؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اصل سوال اهو آهي ته عدالتي ڪارروائي ۾ طريقيڪار درست اختيار ڪيو ويو يا نه ؟چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آھن ته ڪڏھن نه ڪڏھن ته نئين شروعات ٿيڻي آھي ته ڇا ھي موقعو ناھي؟ اسان ماضي ۾ رھي رھيا آھيون ۽ اسان جي تاريخ داغدار آھي. ڇا ڀٽو ڪيس جي فيصلي سان عدليه ۽ فوج لاءِ ھڪ لڪير نه ٺاھي ويندي؟ جسٽس منصور علي شاھ چيو ته اسان ڪيس جي ميرٽس کي نٿا ڏسي سگھون، ڇو ته فيصلو پھريان ئي ٿي چڪو آھي. جھڙي طرح ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي ان طريقيڪار کي ڏسي سگھون ٿا. چيف جسٽس چيو ته اسان جو اصل فوڪس آئيني رخ طرف آھي. اڳوڻي چيف جسٽس پنھنجي غلطي جو اعتراف ڪيو. ان کي بدنيتي نه اعتراف جرم چونداسين. ڄاڻي واڻي غلط ڪم ڪيو وڃي ته ان کي بدينتي نه چونداسين؟ اسان جو ٻڌڻي وارو اختيار واضح آھي، ٻه ڀيرا نظرثاني نٿي ٿي سگھي. جيڪڏھن مان دٻاءُ برداشت نٿو ڪري سگھان ته مون کي عدالتي بينچ کان الڳ ٿي وڃڻ گھرجي. چيف جسٽس چيو ته ممڪن آھي ڀٽو ڪيس ۾ جانبداريءَ کان علاوه ڪا نئين ڪيٽيگري ڪڍڻي پوي. جيڪڏھن ڪالھه جو ڪو جج اٿي چوي ته مان دٻاءُ ۾ فيصلو ڪيو ھو ته ڇا ٿيندو؟ جيڪڏھن چار ٽي اڪثريت جو فيصلو نه ھجي ھا ته بعد ۾ ھڪ جج جو بيان اھميت نه رکي ھا. ڇا عدالتي ڪمري ۾ ھاٿي يعني مرشل لا کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ؟ ڀٽو جو وڪيل سزا معطلي بجاءِ سزا ۾ گھٽتائي جي استدعا ڇو ڪري ھا؟ ڇا موت جي سزا چار ٽي جي تناسب سان ڏئي سگھجي ٿي؟ چيف جسٽس چيو ته مون کي لڳي ته اسان کي ڪيس جي حقيقتن کي ڏسڻ گھرجي. ڇا ڀٽو ڪيس پاڪ فوج ۽ سپريم ڪورٽ لاءِ پنھنجي غلطي درست ڪرڻ ۽ ساک بحالي جي لاءِ ھڪ موقعو ناھي؟ ڇا ھي موقعو ناھي ٻئي ادارا پاڻ تي لڳل الزامن مان جان ڇڏائين. جسٽس منصور علي شاھ چيو ته اصل سوال ھي آھي ته ڇا عدالتي ڪاروائي ۾ طريقيڪار درست اختيار ڪيو ويو يا نه؟ مان ھاڻي آرٽيڪل 186 جو دروازلو کولڻ واري سوال تي آھيان. جيڪڏھن اھو تعين ڪرڻو آھي ته ججز ڀٽو کي سزا ٻڌائڻ وقت دٻاءُ جو شڪار ھئا ته ان جا ثبوت ڇا ھوندا؟ ڇا اھڙي طرح مارشل لا جي دوران ٻڌايل سمورا فيصلا کڻي ٻاھر اُڇلائي ڇڏيون؟ وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 187 جي اختيار کي استعمال ڪري ڀٽو ڪيس جو فيصلو ڪري سگھي ٿي. ڀٽو ڪيس ۾ ججز جي جانبداري ثابت ڪرڻ لاءِ جسٽس نسيم حسن، جسٽس دراب پٽيل ۽ جسٽس اسلم رياض جا انٽرويوز آھن. ججز جي جانبداري ثابت ڪرڻ لاءِ سليم بيگ ۽ جنرل رٽائرڊ فيض چشتي جي ڪتاب ۽ ان وقت جي اٽارني جنرل جو خط آھي. جسٽس منصور علي شاھه چيو ته ڇا جن صاحبان تي جانبداريءَ جو الزام لڳي رھيو آھي انھن کي ٻُڌڻ نه گھرجي؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي سربراھيءَ ۾ 9 رڪني لارجر بينچ ڀٽو صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري به عدالتي ڪمري ۾ موجود رھيو. چيف جسٽس ٻڌڻي لاءِ حڪمنامو لکرايو جنھن ۾ چيو ويو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي وارثن کي به ٻڌو ويندو. احمد رضا قصوري کي آخر ۾ ٻڌنداسين. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Comment