شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ميرپور ماٿيلي ۾ سوين ماڻهن جي ريلي
مَي 31, 2024
شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ميرپور ماٿيلو ۾ پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس تائين ريلي، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، شهرين ۽ صحافين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، مظاهرين چيو ته شهيد نصرالله قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ پوليس آفيسرز تي اعتماد نه آهي، قتل ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائي قاتلن کي وائکو ڪيو وڃي، شهيد صحافي جي اصل قاتلن جي گرفتاريءَ تائين احتجاج تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان
صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي جڊيشل انڪوائري لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل
صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي جڊيشل انڪوائري لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، ماجد گبول ايڊوڪيٽ عمار دايو ۽ ٻين پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ صحافي جي قتل ڪيس جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جي استدعا، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 2020 ۾ هڪ مقامي ايم پي اي جي پٽ شهباز لنڊ غير قانوني پروٽوڪول جي وڊيو ٺاهڻ تي نصرالله گڏاڻي مٿان فائرنگ ڪئي هئي، نصرالله گڏاڻي شهباز لنڊ خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو، نصرالله گڏاڻي کي جعلي ايم پي او تحت نظربند به ڪيو ويو هو، نصرالله گڏاڻي تي حملي جو ڪيس خراب ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت کي هاءِ ڪورٽ جي ججز تي ٻڌل جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو وڃي