شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي جا سردار خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن تي ڀاءَ جي قتل ۾ ملوث هئڻ جا الزام
جُون 26, 2024
شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي جا 164 جي بيان ۾ سردار خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن تي ڀاءَ جي قتل ۾ ملوث هئڻ جا الزام، ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ 164 جو بيان ڏيندي يعقوب گڏاڻي چيو ته سردار خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن جي چرچ تي نصرالله کي قتل ڪيو ويو، قتل ۾ خالد لنڊ جا پٽ ميونسپل چيئرمين شهباز لنڊ ۽ نور محمد به ملوث آهن، يعقوب گڏاڻي چيو ته خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي موجودگي ۾سندن گارڊز نصر الله مٿان فائرنگ ڪئي هئي، نصرالله گڏاڻي کي 11 مئي تي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن رستو روڪي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون هيون،21 مئي تي جوابدار اصغر لنڊ ۽ برڪت لنڊ نصر الله تي حملو ڪيو، جوابدارن اهو چئي فائرنگ ڪئي ته تون خالد لنڊ کي گهٽ وڌ ٿو ڳالهائين، عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي يعقوب گڏاڻي چيو ته مون کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ته تنهنجي سموري خاندان کي تباهه ڪري ڇڏينداسين، پهرين مان ڊڄي ويس پر پوءِ شهيد نصرالله کي ڏسندي بيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، سردارن جي وڪالت ڪندڙ ڪا به ڌر مون وٽ مهرباني ڪري نه اچي، شهيد نصرالله جي وارثن جي وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته اڄ گواهن 164 جي بيان ۾ سردار خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا نالا کنيا آهن، شاهدن کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون، گواهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي