شهيد ٿيان ته ڪپڙا ضرورتمندن کي ڏجو: ٻارڙي جي وصيت ماڻهو رئاري ڇڏيا

آڪٽوبر 3, 2024

غزه(م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارڙيءَ جي موت کان اڳ ڪيل وصيت سامهون اچي وئي، 10 سالن جي نينگري رشا پنهنجي شهادت کان اڳ هڪ خط لکيو  هو جيڪو اسرائيلي بمباري کانپوءِ ان جي گهر  جي ملبي مان امدادي ٽيمن کي مليو آهي. جنهن ۾ هن لکيو هو ته منهنجي وصيت آهي ته جڏهن مان شهيد ٿيا ته منهنجا ڪپڙا ضرورتمندن ۾ ورهايا وڃن، منهنجون شيون سوٽن ۾ ورهايون وڃن، رشا طرفان ڪيل اها وصيت ٻڌائي ٿي ته ان معصوم نياڻي جي دل ۾ ٻين جي مدد جو جذبو هو. جيتوڻيڪ هن پنهنجي آخري لمحن ۾ به ضرورتمندن جو خيال رکيو هو

Leave A Comment