رانوتي ڀرسان ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل 3 پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا

آگسٽ 1, 2024

رانوتي ڀرسان ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل 3 پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا، شهيد جوان شفيق گل جٽ جي ڏهرڪي ۽ عبدالحنان ۽ عبدالسميع سمون جي اوٻاوڙي ۾ سرڪاري اعزاز سان جنازي نماز ادا، پوليس آفيسرز ۽ سول سوسائٽي جي شرڪت، شهيد اهلڪارن جي مڙهه کي سلامي ڏني وئي، ايس ايس پي گهوٽڪي ڪچي ۾ هلندڙ آپريشن جي نگراني سبب جنازي نماز ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو، گذريل ڏينهن پوليس اهلڪار ڊيوٽي تي وڃي رهيا هئا ته ڌاڙيلن مٿن حملو ڪيو، جنهن ۾ اوٻاوڙو واسي عبدالحنان، عبدالسميع سمون ۽ ڏهرڪي واسي شفيق گُل جٽ شهيد ٿي ويا هئا، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪاوڙ جو اظهار، آءِ جي سنڌ کي ڏوهاري جلد گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت، شهيد اهلڪارن جي پونيئرن سان تعزيت جو اظهار

اوٻاوڙو ويجهو هٿياربندن جو حملو، ڊيوٽي تي ويندڙ 3 پوليس اهلڪار شهيد

اوٻاوڙو/رانوتي (رپورٽ: فيض الله سميجو/نصر الله چاچڙ) رانوتي ويجهو تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن جو حملو، فائرنگ ۾ ڊيوٽي تي ويندڙ 3 موٽرسائيڪل سوار پوليس اهلڪار شهيد، واقعي بعد حملي آور فرار، خبر موجب رانوتي لنڪ روڊ ڳوٺ مياڻي وٽ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، شهيد ٿي ويل اهلڪارن ۾ اوٻاوڙو واسي عبدالحنان سمون، عبدالسميع ملڪ ۽ ڏهرڪي واسي شفيق گل شامل آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته ٽئي پوليس اهلڪار اوٻاوڙو کان رانوتي ٿاڻي تي ڊيوٽي تي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ تاڙ ۾ ويٺل اڻ ڄاتل هٿياربندن حملو ڪري مٿن فائرنگ ڪئي، واقعي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا ڪچي طرف فرار ٿي ويا، اطلاع تي رانوتي ۽ اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شهيد اهلڪارن جا لاش تعلقه اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، شهيد ٿي ويل ٽنهي پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز اڄ ميرپور ماٿيلو پوليس هيڊڪوارٽر ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويندا

اهلڪارن جي شهادت بعد ڪچي ۾ ناڪابندي، رستا سيل

اوٻاوڙو: هٿياربندن جي حملي ۾ ٽن پوليس اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ واري واقعي بعد پوليس رانوتي بچاءَ بند کي سيل ڪري ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

Leave A Comment