مريم نواز جي صوبي ۾ ماني سستي: قيمت 16 رپيا مقرر
اپريل 15, 2024
لاهور (م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز صوبي ۾ ماني جي قيمت گھٽائي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب وزيراعليٰ مريم نواز ماني جي قيمت 16 رپيا مقرر ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو اگھه گھٽيو آهي ته پوءِ ماني به سستي ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته عوام تائين قيمتن ۾ لاٿ جو فائدو ضرور پهچائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته موجوده گورنمينٽ معاشي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ايندڙ سال مهانگائي شرح گھٽجي 12.2 سيڪڙو ٿيڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان پنهنجو موجوده پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪيو. شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت بهتر نموني هلي رهي آهي.