مريم نواز جي پنجاب سرڪار کي وڏو جهٽڪو، لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کي شاگردن ۾ اليڪٽرانڪ بائيڪس ورهائڻ کان روڪي ڇڏيو
مَي 10, 2024
مريم نواز جي پنجاب سرڪار کي وڏو جهٽڪو، لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کي شاگردن ۾ اليڪٽرانڪ بائيڪس ورهائڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تي شاگردن ۾ موٽرسائيڪلز ورهائڻ واري اسڪيم جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم، عدالت چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته پنجاب جي ڪهڙن شهرن ۾ ۽ ڪيتريون بائيڪس ورهايون پيون وڃن، پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته سڄي صوبي ۾ 19 هزار پيٽرول بائيڪس ورهايون پيون وڃن، جسٽس شاهد ڪريم رمارڪس ۾ چيو ته شاگردن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪرڻ لاءِ اتساهڻ گهرجي، شاگردن کي موٽرسائيڪلز ڏيندا ته هو ون وهيلنگ شروع ڪندا، ٻڌڻي سومر تائين ملتوي