مريم نواز پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت سي ايم بڻجڻ لاءِ تيار

فيبروري 23, 2024

مريم نواز پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت سي ايم بڻجڻ لاءِ تيار، پنجاب ۾ سادي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ لاءِ 186 ميمبرز جي اڪثريت گهربل، نواز ليگ صوبائي ايوان ۾ 133 سيٽن سان پهرين نمبر تي آهي، 23 آزاد ميمبرن جي شموليت، عورتن جي مخصوص 26 ۽ اقليتن جي 5 سيٽن سان نوازليگ ايوان ۾ 201 ميمبرز سان سڀني کان اڳتي، نواز ليگ کي پيپلزپارٽي جي 14، قاف ليگ جي 10 ۽ آءِ پي پي جي 6 ميمبرز جي حمايت به حاصل، نواز ليگ کي پنجاب اسيمبلي ۾ مجموعي طور 230 ميمبرز جي اڪثريت حاصل، پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ جي اڳواڻ عطا تارڙ چيو ته اسان وٽ پنهنجن 210 ميمبرز جي واضح اڪثريت موجود آهي، مريم نواز جي قيادت هيٺ پنجاب ۾ عوامي فلاح جا منصوبا مڪمل ٿيندا ۽ مهانگائي گهٽ ٿيندي

Leave A Comment