معصوم فاطمه جو خون لوڙهڻ جي سازش: فريادي جو وڪيل جوابدارن جو ساٿي: امانت کڻڻ جي آڇ
آگسٽ 19, 2024
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) فاطما ڦرڙو جي والد نديم ڦرڙو ڪيس تان ھٿ کڻڻ ۽ جوابدارن سان ٺاھ ڪرڻ وارين خبرن کي افواھ قرار ڏيندي الزام ھنيو آھي ته سندس وڪيل وڪامجي ويو آهي . ڪالھ جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ ھن چيو آهي ته اسان ڪيس تان ڪڏهن به ھٿ نه کڻنداسين. اسانجو وڪيل اسانکي سمجھائڻ بدران چئي رھيو ھو ته ڪنهن شخص وٽ امانت پئي آھي اھا وڃي کڻو . اسان جيڪڏهن اھا امانت کڻنداسين ته سڀاڻي ڪير پنهنجي حقن لاء آواز اٿاريندو . اسانکي دھشتگردي جي انت واري عدالت مان انصاف جي اميد ھئي پر ھتان ڪيس سيشن ڪورث منتقل ٿي ويو آهي. خيرپور جي عدالت مان ڪيس حيدرآباد يا ڪراچي منتقل ڪيو وڃي. ھن چيو ته اسانکي سانا پاران ساڍا يارنھن لک روپيا مليا آھن. جڏهن ته اسانکي ڪنهن به دڪان جي ضرورت ناھي اسين ڪيس جي پيروي ڪرڻ ٿا چاھيون .اسان جي ڪيس ۾ وڪيل تي اعتماد ناھي . ليگل ايڊ وارن جي ڏنل وڪيلن جي خبر ناھي ته اھي ڪھڙا آھن . اسانکي سٺو وڪيل ڪري ڪيس منتقل ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي ۽ ڪيس جي پيروي لاء اچڻ وڃڻ لاء گھربل ڀاڙي خرچ ۾ به مدد ڪئي وڃي .ھن چيو ته ھن ڪيس ۾ سندس ڀائيٽو ۽ ڀاڻيجو توڙي ٻيا ڳوٺ جا شاهد آھن، جيڪي پيرن جا ماڻهو آھن جنهن حلف نامي تي اسان کان صحيح ورتي وئي اھو اسانکي پڙھي نه ٻڌايو ويو ھو . اسانکي ڳوٺ ۾ تمام گهڻو دٻاءُ آھي پر ڪيس تان ھٿ نه کڻندس