مولانا بابت ڪجهه نٿا چئي سگهون، حڪومت نمبر پورا ڪري ضرور ترميم آڻيندي، عوام لاهور جلسي لاءِ ٻيڙا ساڙي نڪري: عمران خان

سيپٽمبر 19, 2024

راولپنڊي (م ڊ) ڪجهه نٿا چئي سگهون، پي ٽي آءِ باني عمران خان جو آئيني ترميمن ۾ مولانا فضل الرحمان جي ڪردار بابت سوال جو جواب

پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته مولانا جمهوريت سان گڏ بيٺو آهي ته سٺي ڳالهه آهي، سمورين سياسي پارٽين کي جمهوريت لاءِ متحد ٿيڻو پوندو، صحافي سوال پُڇيو ته آئيني ترميمن جو معاملو ته رِيوَرس ٿي ويو آهي

پي ٽي آءِ باني عمران خان يو ته حڪومت پنهنجا نمبر پورا ڪري اها ترميم آڻيندي، ٽن امپائرن جِي ملازمت جَي مُدي ۾ واڌ لاءِ آئيني ترميم ڪرڻي پئجي رهي آهي، اُنهن ٽن امپائرن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر، سُپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽسز شامل آهن

حڪمرانن کي ڊپ آهي ته نئون چيف جسٽس آيو ته 9 مئي جي جاچ ڪرائيندو، نئين چيف جسٽس آڏو 9 مئي جي پٽيشن ايندي ته حقيقت سامهون اچي ويندي

اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته ڪجهه به ٿئي، هر صورت ۾ لاهور جو جلسو ڪيو ويندو، قوم کي چوان ٿو ته ٻيڙيون ساڙي نڪرن ۽ لاهور جي جلسي ۾ شرڪت ڪن

هن وڌيڪ چيو ته 9  مئي تي اسان جي پارٽي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، آئين جي ابتڙ اليڪشن کي دير جو شڪار ڪيو ويو ته جيئن پي ٽي آءِ کي چٿي سگهجي

عمران خان وڌيڪ چيو ته لاهور ۾ جلسو روڪڻ لاءِ وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي آهي، ڇا به ٿئي جلسو ڪنداسين، قوم کي پيغام ڏيان ٿو ته لاهور جلسي لاءِ ٻيڙيون ساڙي نڪري

Leave A Comment