9 مئي جي ذميوارن سان سمجهوتو ٿي نه ٿو سگهي: پاڪ فوج
مَي 9, 2024
9 مئي سانحي جي ذميوارن سان ڪو به سمجهوتو نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان جون هٿياربند فوجون پنهنجي وقار ۽ عزت کي هر قيمت تي برقرار رکڻ جو عهد ڪن ٿيون: پاڪ فوج جي ترجمان جو بيان، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب قومي تاريخ جي هن ڪاري ڏينهن تي برين واش ٿيل شرپسندن هڪ بغاوت ڪئي ۽ ڄاڻي واڻي رياستي ادارن خلاف تشدد جو سهارو ورتو، شرپسندن ڄاڻي واڻي رياست جي مقدس علامتن ۽ قومي ورثي جي ماڳن تي ڀڃ ڊاهه ڪئي، شرپسندن جو مقصد ملڪ ۾ هٿ ٺوڪيو ۽ تنگ نظر انقلاب آڻڻ جي ناڪام ڪوشش هو، پاڪ فوج جي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هٿياربندن فوجن انتهائي صبر جو مظاهرو ڪندي تخريبڪارن، سندن سربراهن ۽ منصوبا سٽيندڙن جي ڪڌي ڪوشش کي ناڪام بڻايو، شرپسندن جو بنيادي مقصد افراتفري پکيڙي عوام ۽ هٿياربند فوجن وچ ۾ ٽڪراءَ کي هٿي ڏئي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ هو، شرپسند ڌرين 9 مئي بابت بيانيي کي ٽوڙي مروڙي پاڻ کي ان کان آجو ڪرڻ ۽ رياستي ادارن تي الزام مڙهڻ جي ڪوشش به ڪئي، 9 مئي جي اصل ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي اهو يقيني بڻائڻو آهي ته آئنده ڪير به قومي هيروز جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي، اڄوڪي ڏينهن هٿياربند فوجون پاڪستان جي اندروني ۽ بيروني دشمنن جي ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻائڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪن ٿيون، اسان جا شهيد ۽ هنن جا خاندان اسان جو فخر آهن، پاڪ فوج جو پاڪستاني عوام سان انتهائي خاص رشتو آهي