9مئي ۾ فيض حميد اڪيلو نه ٻيا به هوندا: خواجه آصف
آگسٽ 13, 2024
اسلام آباد: بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته فيض حميد مڙڻ وارو نه هو، رٽائرمينٽ کانپوءِ سياسي واقعن ۾ سندس هٿ رهيو
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن 9مئي ۾ مداخلت جي ڳالهه درست آهي ته اهو اڪيلي فيض حميد جو ڪم نه هوندو، 9مئي جي حالتن ۽ واقعن جي آڱر فيض حميد ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي
هن چيو ته فوج جو اندروني احتساب جو انتظام ڏاڍو اثرائتو آهي، هن چيو ته جنرل باجوه ۽ جنرل فيض حميد جو پاڻ ۾ انتهائي ويجهو تعلق هو، سياسي معاملن تي اچو ته شيون بليڪ اينڊ وائيٽ ناهن رهنديون،2019ع ۾ فيض حميد چيو هو ته وزيراعظم مان تنگ اچي ويا آهيون.