ميهڙ ۾ جيءُ جھوريندڙ واقعو: ٻن ڀينرن سميت 3 ٻارڙيون برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت
سيپٽمبر 10, 2024
ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ جي گاهي مهيسر واري علائقي مختيار ڪالوني ۾ گهرن ڀرسان قائم کڏ ۽ برسات جي بيٺل پاڻي ۾ ٻن ڀينرن سميت ٽي ٻارڙيون 9 ورھين جي فاطمه کوسو ۽ سندس ڀيڻ 8 ورھين جي اقرا کوسو ڌي رفيق کوسو ۽ 10 ورھين جي عديلا ڌي ظھير کوسو ٻڏي ويون اطلاع تي ٻڏندڙ ٻارڙين کي پاڙي وارن پاڻي مان ڪڍي تعلقي اسپتال ميهڙ پهچايو تعلقي اسپتال ميهڙ ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران ٻارڙين جي فوت هجڻ جي تصديق بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ٽنهي ٻارڙين جا لاش گهر پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو آھي. فوتي ٻارڙين جي والدين رفيق کوسو ۽ ظھير کوسو ٻڌايو ته ڪالوني ڀرسان کڏ ھئي جن ۾ برساتي پاڻي بيھي ويو ھو جنھن ۾ ٻارڙيون وھنجندي ٻڏي ويون پاڙي جي ٻين ٻارڙن جي رڙين بعد پھچي ٻن ڪلاڪن جي ڳولا بعد ٻارڙين کي بيھوشي جي حالت ۾ اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽر پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آھي ھن افسوس ناڪ واقعي تي ٻارڙين جون مائرن کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا ۽ علائقي ۾ سوڳ جي لھر ڇانيل آھي ھوڏانھن ميھڙ پوليس موجب ته واقعو گھرن ڀرسان کڏ ۾ بيٺل پاڻي ۾ ٻارڙا گرمي سبب وھنجي رھيا ھئا ته ٻارڙيون ٻڏي ويون جن جا لاش ڪڍيا ويا واضع رهي تي برسات کي 10 ڏينهن گذرڻ باوجود انتظاميه پاران ميھڙ جي گاھي مھيسر ، حاصل کوسو ، باء پاس جي مختلف ڪالونين مان بيٺل پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو آھي برساتي پاڻي بيٺل ھجڻ ڪري مختلف بيماريون وڌي ويون آھن ۽ پاڻي ۾ ٻارڙا وھنجڻ ڪري واقعا روز جو معمول بڻيل آھن علائقي واسين پاران برساتي پاڻي جي نيڪالي جو پڻ مطالبو ڪيو آھي.