ووٽن تي ڌاڙو لڳو: مينگل، داوڙ، فهميده مرزا، مصطفيٰ نواز جو 26هين ترميم خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو
نومبر 9, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 26 هين آئيني ترميم جي خلاف بي اين پي سربراهه اختر مينگل، فهميده مرزا، محسن داوڙ ۽ مصطفيٰ نواز کوکر گڏيل درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي ڇڏي. جنهن ۾ ترميم جي خلاف فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ 26 هين آئيني ترميم کي پاس ڪرائڻ جي طريقيڪار، ترميم ۾ عدليه جي آزادي کي متاثر ڪرڻ تي سوال اُٿاريندي اُن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ماضيءَ ۾ عدليه جي ذريعي ايگزيڪيٽوَ ۽ ليجسليٽوَ اختيارن ۾ مداخلت ٿي هئي، 26 هين آئيني ترميم جي ذريعي پارليامينٽ عدليه جي اختيارن ۾ مداخت ڪئي وئي، ان ترميم کي فل ڪورٽ جي سامهون رکيو وڃي. درخواست ۾ وفاق، جوڊيشل ڪميشن، خصوصي پارليامينٽري ڪاميٽي، چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني ۽ اليڪشن ڪمشن جي آفيسرن کي ڌر بڻايو ويو آهي. مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته آئيني ترميم رڳو هڪ ووٽ جي اڪثريت سان منظور ڪرائي وئي، اختر مينگل جي ووٽن تي ڌاڙو نه لڳي ها ته هي ترميم منظور نه ٿي سگهي ها، سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي ته هڪ صوبي جي نمائندگي کانسواءِ ترميم ڪيئن منظور ٿي سگهي ٿي؟ محسن داوڙ چيو ته پارليامينٽ ۾ عوامي راءِ جو مذاق اڏايو ويو، 26هين ترميم تي نه ڪو بحث ٿيو ۽ نه ئي ڪنهن طريقيڪار تي عمل ڪيو ويو. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ 26 هين آئيني ترميم جي خلاف ٻي ۽ مجموعي طور تي اٺين درخواست به داخل ڪرائي وئي آهي. ايڊووڪيٽ صلاح الدين احمد به سپريم ڪورٽ ۾ ترميم کي چئلينج ڪري ڇڏيو