ميهڙ جا ٻوڏ متاثر 2 سالن کان کليل آسمان هيٺ ويٺل، سروي ۾ ڪرپشن جا الزام، ايندڙ برساتن ۾ ٻيهر ٻوڏ جو خدشو

جُولاءِ 8, 2024

ميهڙ (رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميهڙ ۾  2022 واري ٻوڏ کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آھن پر ان باوجود ٻوڏ متاثر ماڻهن کي ھن وقت تائين رليف ملي ناهي سگهيو، ٻوڏ دوران گھر ڊھڻ، ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچڻ سبب دربدر ۽ ڪئمپن ۾ رهيل ماڻهو بک، بدحالي ۽ بيمارين سبب تڙپي تڙپي مرندا رهيا پر حڪومتي سطح تي سندن واهر نه ٿي سگهي آھي، ٻوڏ بعد ميھڙ تعلقي جي ڪاڇي جي چار يونين ڪائونسلن فريدآباد، خان جو ڳوٺ، چارو، سيدپور جي سوين ڳوٺن قائم جتوئي، وڏي بيتل، سيدپور، ڳاڙھي ، چولي ڏيپر ، گرڪڻ سميت سوين ڳوٺن جي علائقن ۾ هن وقت تائين ماڻهو هن سخت گرمي ۾ به خيمن ۽ جهوپڙين ۾ ويٺل آهن، علائقي واسين حامد ڇٽو ، محمد عمر ، محمود گائنچو ، مسمات ارباب خاتون ، غلام مصطفيٰ چانڊيو ، ضلعي ڪائونسل ميمبر ۽ ضلعي اپوزيشن ليڊر برڪت علي جتوئي ۽ ٻين چيو ته ٻن سالن ۾ متاثرين کي گهر ٺاهڻ وارن حڪومتي اعلانن تي عمل ناهي ٿي سگهيو، سخت گرمي باوجود ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، سرڪار پاران اعلانيل رقم به کين ملي ناهي سگهي، جڏهن ته ٻوڏ بعد حڪومتي اعلان تحت نوان گھر ٺاھي ڏيڻ  واري سروي وارو ڪم  به ڪرپشن جي ور چڙهيل رھيو آھي.  روينيو عملدار ۽ سياسي آشيرواد سان مقرر ڪيل ڪامورا به ٻوڏ متاثرن کي سروي جي نالي تي لٽيندا رهيا آھن، ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امداد به سياسي بنيادن تي ورهائجندي رهي ماڻهن پاران سخت احتجاج باوجود امداد ورهائڻ جو طريقو به بهتر نه ٿي سگهيو،ھنن چيو ته  ٻوڏ دوران وڏي وزير ، گورنر سنڌ ۽ ٻين وزيرن ۽ مشيرن جي اعلانن تي هن وقت تائين عمل ناهي ٿي سگهيو، جنهن سبب ٻوڏ متاثر دربدر بڻيل آهن، علائقي واسين پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته  ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرين جي واھر ڪئي وڃي ۽ امڪاني ٻوڏ ۽ برساتن جي اچڻ کان پھرين ايمرجنسي نافذ ڪري بندن جو مرمتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرايو وڃي، ته جئين ميھڙ تعلقي جي عوام ھڪ ڀيرو ٻيھر تباھي کان بچي سگھي.

بچاءُ بندن کي لڳل ڪٽ عارضي طور بند، وري ٻيهر ٻوڏ جو خدشو

ميھڙ: تعلقي ۾ برساتي ۽ ٻوڏ جي پاڻي جي بچاءَ لاءِ انگريز سرڪار پاران جوڙايل بندن جي مرمت ناهي ٿي سگهي، ميهڙ جي اولهه طرف جوڙايل بچاءَ بند ۽ سپريو بند به بلوچستان کان ايندڙ پاڻي جو دٻاءُ برداشت ڪري نه سگهيو، بند ٽٽڻ سبب ميهڙ تعلقو ٻڏي ويو، جڏهن ته ٻوڏ کي 2 سال گذرڻ باوجود بندن جي مرمت ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته بندن کي لڳل ڪٽ فنڊ جاري ٿيڻ باوجود عارضي طور بند ڪيا ويا آهن.

ايف پي بند، سپريو بند  ۽ ايم اين وي ڊرين  جو ڪم ھلندڙ آھي: ڊي سي فهيم چاچڙ

ميھڙ: ڊپٽي ڪمشنر دادو فھيم چاچڙ موجب ته ايف پي بند ، سپريو بند ، ايم اين وي ڊرين ۽ بندن جو ڪم ھيوي مشينري جي ذريعي ھلندڙ آھي، ڪاڇي واسين جي ريليف سميت امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ کان بچڻ لاءِ  پڻ ڪوششون تيز ڪيون ويون آھن، ضلعي انتظاميه پاران سمورن ادارن کي به پڻ متحرڪ ڪيو ويو آھي.

ميهڙ ۾ سم شاخن ۽ ڇنڊڻ جي به کاٽي نه ڪرائي وئي

ميهڙ: تعلقي ۾ واپڊا اسڪارپ پاران غلط ڊزائن ڪيل سم شاخن ڳوٺن ۽ هزارين ايڪڙ فصل به ٻوڙي ڇڏيا، وفاق جي اداري واپڊا اسڪارپ ايڏي تباهي باوجود سم شاخن ۽ ڇنڊن جي کاٽي نه ڪرائي آهي.

انتظامي لاپرواهي، ٻوڏ دوران ٽٽل بچاءُ بندن جي ٻيهر مرمت نه ٿي!

ميھڙ: 2022 جي ٻوڏ دوران ميهڙ جي مختلف علائقن ۾ واهن ۽ شاخن کي ڏنل بند به واري جا ڍير ثابت ٿيندا رهيا، پاڻي سبب اڪثر واهن ۽ شاخن کي ڏنل بند ٽٽندا رهيا جيڪي حڪومتي نااهلي سبب هن وقت تائين واهن ۽ شاخن جي بندن جي مرمت ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته مقامي ماڻهن عارضي طور ڪٽ بند ڪري واهن مان زرعي آبادي ڪندا رهيا آهن.

Leave A Comment