ملير ۾ پاڻي بحران: ميت کي غسل ڏيڻ لاءِ واٽر ٽينڪر طلب: رهواسين جو ڌرڻو: روڊ بلاڪ
سيپٽمبر 6, 2024
ملير (رپورٽر ) ملير ۾ پاڻي جو بحران، رهواسي پيئڻ ۽ وضو جي پاڻي لاءِ پريشان، ميت کي غسل ڏيڻ لاءِ واٽر ٽينڪر گهرايو ويو، ان ڏس ۾ ملير جي دل گلشن حديد ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، اتان جا رهواسي پيئڻ ۽ وضو جي پاڻي لاءِ پريشان آهن گذريل ڏينهن گلشن حديد فيز 2 ايڪسٽينشن ۾ فوت ٿيل واپاري عبدالرزاق شر جي ميت کي غسل ڏيڻ لاءِ پڻ پاڻي نه هو، وارثن پئسن تي واٽر ٽينڪر گهرائي ميت کي غسل ڏنو . ان موقعي تي فوتي جي وارثن فقير عبدالقادر شر ۽ ٻين چيو ته گذريل ٽن مهينن کان گلشن حديد ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، هتان جا رهواسي پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهن، هنن چيو ته اسٽيل ملز جي نااهل انتظاميه پاران هڪ طرف رهواسين کي اڃايل رکيو پيو وڃي ته ٻئي طرف سروس اسٽيشنن کي پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته گلشن حديد جي پاڻي جو مسئلو حل ڪيو وڃي.ٻئي طرف ملير جي ڳوٺن ابراهيم جوکيو، صديق جوکيو ۽ درساڻو ڇنو جي رهواسين، عورتن ۽ اسڪولي ٻارڙن پيئڻ جي پاڻي، لوڊشيڊنگ ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪراچي ٺٽو قومي شاهراهه کي ملائيندڙ لنڪ روڊ تي ڌرڻوهڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو, جنهن سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب پاڻي جو بحران دت اختيار ڪري ويو آهي، هنن چيو ته اسان پ پ ايم پي اي ساجد جوکيو کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو، اڄ سندس هوندي اسان بجلي ۽ پاڻي سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهيون، اليڪشن کانپوءِ اسان کي ڪير پڇڻ وارو ناهي،