ملير ايڪسپريس وي جي ري ڪليم ڪيل ايراضيءَ جي هڪ انچ تي به ڪنهن کي قبضو ڪرڻ نه ڏيندس: وڏو وزير مراد علي شاهه
مَي 30, 2024
ملير ايڪسپريس وي جي ري ڪليم ڪيل ايراضيءَ جي هڪ انچ تي به ڪنهن کي قبضو ڪرڻ نه ڏيندس، ملير ايڪسپريس وي ٽريڪ جي سموري زمين ري ڪليم ٿي رهي آهي، ايراضيءَ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪرڻ بورڊ آف روينيو جي ذميواري آهي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران اظهار، وڏي وزير روينيو بورڊ ملير ايڪسپريس وي جي سموري ايراضيءَ جي سروي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ ڪابينا ڪورنگي ضلعي جي ديهه ڊرگهه ۾ هڪ سئو ايڪڙ زمين تي سٽي اينجلز قائم ڪرڻ جي منظوري به ڏني، سٽي اينجلز ۾ اسپيشل ٻارن لاءِ اسڪول، بحالي مرڪز، اسپتال ۽ گرائونڊ به قائم ڪيو ويندو