ملير ۾ مبينا مقابلو، ڪيٽي بندر واسڻ عورت مارجي وئي، ڌيءُ ۽ پٽ سميت 3ڄڻا زخمي
جُولاءِ 5, 2024
ملير (رپورٽ: ناز شر) گلشن حديد ويجهو اسٽيل ٽائون پوليس جو مبينا مقابلو، فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ ڪيٽي بندر واسي سماجي اڳواڻ يعقوب سمون جي ڀيڻ 60 ورهين جي سائره زال ابراهيم ۽ ڀاڻيجي 19 ورهين جي غنويٰ گوليون لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيون جن کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته سائره زال ابراهيم فوت ٿي وئي، فوتي سائره جو لاش پوسٽ مارٽم ۽ زخمي غنويٰ کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او اسٽيل ٽائون موجب پوليس هڪ شڪي ڪرولا ڪار کي بيهڻ جو اشارو ڪيو جيڪي فرار ٿيا جنهن تي پوليس پاران سندن پيڇو ڪيو ويو، گلشن حديد ويجهو ڪار سوار ڦورن پاران پوليس مٿان فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ جي ڏي وٺ سبب ڦورن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪراچي کان ٺٽو ويندڙ ڪار سوار فائرنگ جي زد ۾ آيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 2 عورتون گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيون جن جي سڃاڻپ سائره ۽ غنويٰ طور ٿي جن کي زخمي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته زخمي سائره رستي ۾ فوت ٿي وئي، پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ ڦورن جو هڪ ساٿي پڻ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس ساٿي کڻي فرار ٿي ويا. ٻئي طرف ڪيٽي بندر جي سياسي سماجي اڳواڻ يعقوب سمون موجب پوليس جي فائرنگ ۾ منهنجي ڀيڻ جو قتل ٿيو آهي ۽ ڀاڻيجي زخمي ٿي آهي، هن چيو ته واقعي واري هنڌ تي ڪي به ڦورو موجود نه هئا سمورو واقعو اسٽيل ٽائون پوليس جي غفلت جي نتيجي ۾ پيش آيو آهي اسان جو مطالبو آهي ته اسٽيل ٽائون پوليس جي ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري سندن خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
وارثن واقعو پوليس جي دهشتگردي قرار ڏئي ڇڏيو، ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو
ڪيٽي بندر(رپورٽ: آدم جانيارو) ڳوٺ ڪرمي سمون جي سياسي سماجي اڳواڻ يعقوب سمون، الياس سمون ۽ غلام نبي سمون واقعي کي پوليس جي دهشتگردي قرار ڏيندي چيو ته اسان جو ڪٽنب ڪار ۾ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج لاءِ عورت کي کڻي ويو ۽ واپس ڳوٺ ايندي پوليس جي گولين جو بک بڻجي ويو، گوليون لڳڻ سبب 60ورهين جي سائره سمون فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس 19ورهين جي ڌيءَ صغريٰ ۽ پٽ صدام سمون پٽ ابراهيم سمون ۽ ڪار ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيا، هنن واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي فوري گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪري ساڻن انصاف ڪرڻ جي گھر ڪئي.
مبينا مقابلي جو صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار جو نوٽيس
ملير: اسٽيل ٽائون فائرنگ واقعي ۾ عورت جي مارجڻ ۽ هڪ عورت جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته زخمي عورت جي علاج لاءِ اسپتال انتظاميه سان رابطو ڪري سندس بهتر علاج لاءِ بندوبست ڪيو وڃي، فائرنگ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي جديد ٽيڪنالاجي ۽ شاهدين جي بنياد تي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، حد جي ايس ايڇ او ۽ جاچ پوليس واقعي ۾ ملوث حقيقي ملزمن خلاف گهيرو تنگ ڪري جلد کان جلد گرفتاري عمل ۾ آڻي.
جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا: ايس ايس پي ملير
ملير: ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي پاران گلشن حديد ۾ واقعي واري هنڌ ۽ لنڪ روڊ جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون آغا عبدالرشيد ايس ايس پي ملير کي واقعي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسٽيل ٽائون پوليس ملزمن جو گلشن حديد فيز 1 مان پيڇو ڪيو، سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان پوليس کي جوابدارن جي پويان ويندي ڏسي سگهجي ٿو، جوابدارن دلشاد خٽڪ نالي نوجوان کان گاڏي ڦر ڪئي جنهن بعد پيٽرولنگ تي موجود پوليس فوري طور تي رسپانس ڪيو، لنڪ روڊ ويجهو ڦورن گرفتاري جي خوف کان پوليس موبائل تي ٻيهر فائرنگ ڪئي ۽ جوابدار لنڪ روڊ ٽول پلازه وٽان فرار ٿي ويا. ان موقعي تي ايس ايس پي ملير، ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون ۽ ٻين عملدارن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن.
صوبائي وزير علي حسن زرداري جو نوٽيس، متاثر خاندان جي هرممڪن مدد جي خاطري
ڪيٽي بندر: صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري پڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي گھرو کاتي جي صوبائي وزير ضياءَ لنجار سان رابطو ڪري ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان گڏ متاثر خاندان کي هرممڪن پڻ سهڪار جي خاطري ڪرائي.
پوليس تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي: سسئي پليجو/رخسانه شاهه
ٺٽو(رپورٽر) اڳوڻي سينيٽر ۽ صوبائي وزير سسئي پليجو ۽ پ پ ليڊيز ونگ ضلعي ٺٽي جي صدر ايم پي اي سيد رخسانه شاھه بخاري اسٽيل مل پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ مارجي ويل ڪيٽي بندر واسڻ مريض عورت ۽ سندس پٽ ۽ ڌيءُ جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته هو اسٽيل مل پوليس جي بي رحماڻي ڪاروائي جي نه رڳو شديد مذمت ڪن ٿيون پر ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي جي گھر ڪن ٿيون.
واقعي جي مذمت، پوليس تي ڪيس داخل ڪيو وڃي: صنعان قريشي
ٺٽو(رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ وائيس چيئرمين ڊاڪٽر سرور خشڪ ڪراچي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ ڪار تي پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ ڪيٽي بندر جي پوليس اهلڪار الطاف سمون جي والده جي قتل، ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي زخمي ٿيڻ جي واقعي جي مذمت ڪندي افسوس جو اظھار ڪيو، هن اپيل ڪئي ته فوري طور ملوث پوليس اهلڪارن خلاف واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪري متاثر خاندان سان انصاف ڪيو وڃي.