ملير ۾ ڪوڪنگ آئل فيڪٽري تي ڇاپو: مئل جانورن جا ڍانچا، هاڃيڪار کاڄرو تيل ۽ چرٻي هٿ

آگسٽ 27, 2024

ملير (رپورٽ:ناز شر) سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران ڀينس ڪالوني ۾ ڪارروائي، صحت لاءِ هاڃيڪار ڪوڪنگ آئل ٺاهيندڙ فيڪٽري تي ڇاپو، فيڪٽري ۾ مُئل جانورن جي عضون، چرٻي ۽ پکين جي عضون مان هاڃيڪار تيل ٺاهيو پئي ويو، سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم ڇاپي دوران وڏي مقدار ۾ مُئل جانورن جي ڍانچن سميت 8 هزار ليٽر هاڃيڪار کاڄرو تيل ۽ 500 ڪلو چرٻي برآمد ڪري ورتي، ان ڏس ۾ ترجمان سنڌ فوڊ اٿارٽي موجب ڀينس ڪالوني ۾ ڊي جي فوڊ اٿارٽي جي هدايت تي ڊائريڪٽر آپريشن بلاول ابڙو جي نگراني ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، ان دوران سنڌ فوڊ اٿارٽي جي عملدارن وڏي مقدار ۾ مليل هاڃيڪار کاڄرو تيل ۽ چرٻي ضايع ڪري ڇڏي جنهن بعد فيڪٽري ۾ موجود هاڃيڪار تيل ٺاهيندڙ سامان کي پڻ تحويل ۾ ورتو ويو، ترجمان موجب ڊي جي فوڊ اٿارٽي پاران هدايتون آهن ته صحت لاءِ هاڃيڪار گيهه، تيل ٺاهيندڙ مافيا خلاف ڇاپي مار ڪارروائيون تيز ڪيون وڃن، انساني زندگين سان کيڏندڙ ڪنهن به مافيا کي بخش نه ڪيو ويندو.

Leave A Comment