سنڌ، سنڌي قوم جي ريڊ لائين آھي. تاريخ شاهد آهي ته جڏھن به سنڌ تي ڏکيو وقت آيو آهي، سنڌ جي ماڻھن پنھنجا سر ساڻيھہ تان صدقو ڪيا آھن. اھو ئي سبب آهي جو ڪوبه نادر شاهه، ڪو “آلادين”، ڪو ام اللسان جو دعويدار بدو، ڪو غاصب ارغون، ترخان، ڪو ون يونٽي موجد، ڪو ضياءَ يا ڪلاچي ڪن جو ڪو لساني مانگر مڇ سنڌ جي سڃاڻپ کسڻ ۾ سوڀارو نه ٿي سگهيو آهي. ھن ڀيري به سنڌ جي وجود تي وار ڪرڻ جون تياريون آھن، وفاقي گهرو وزير جي بيان تي اڳ ۾ ئي سنڌي قوم جون اکيون ٽانڊا آھن، ان ماحول ۾ ٻرنديءَ تي تيل وارو ڪم پھرين نواز ليگ جي منترين ڪيو پر سنڌين ماڻھن جون اکيون ڏسي انھن جا ته بريڪ لڳي ويا آھن پر فواد چوڌري، وري به ممڻ مچائڻ لاءِ ميدان تي لٿل آھي، اھو فؤاد چوڌري، جنھن جون ڪورٽ جي احاطي مان ڀڄڻ واريون ڊوڙون اڃان ڪنھن کان به ناھن وسريون، جيڪو ڌمڪي ڏيندي چوي ٿو ته، “عزت سان نوان صوبا ٺاهڻ ڏيو، نه ته ٻيا طريقا به اچن ٿا.” باقي متحده اڳواڻن جي زھر اوڳاڇڻ جي عادت پراڻي آهي.
ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ واري معاملي کي هڪ ڀيرو ٻيهر هوا ڏيڻ جون ڪوششون نه رڳو غير ذميواراڻيون آهن، پر اهي ملڪ جي قومي يڪجهتي ۽ وفاقي استحڪام سان خطرناڪ راند جي برابر آهن. جڏهن ملڪ سياسي، معاشي ۽ انتظامي بحرانن ۾ وڪوڙيل هجي، تڏهن ڪجهه فتني پسند فرد ۽ ڌريون پراڻن تڪرارن کي وري جيارڻ ۾ مصروف آهن. مختلف سياسي، سماجي ۽ عوامي حلقن جي سخت مخالفت باوجود نون صوبن بابت بيان بازي جو سلسلو جاري رکڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪجهه قوتون شعوري طور تي انتشار، نفرت ۽ ٽڪراءَ جي سياست کي هٿي ڏيڻ چاهين ٿيون.
سنڌ واضح لفظن ۾ پنهنجو فيصلو ڏئي چڪي آهي. نون صوبن واري رٿا خلاف جيڪا مزاحمت سنڌ مان اٿي آهي، اها ڪنهن ٻئي صوبي ۾ نظر نٿي اچي. ان جو سبب به بلڪل واضح آهي. سنڌ رڳو هڪ انتظامي يونٽ نه، پر هزارين سالن جي تهذيب، تاريخ، ٻولي، ثقافت ۽ قومي سڃاڻپ جو نالو آهي. سنڌ جي وحدت سنڌي قوم جي ريڊ لائين آهي، جنهن کي اورانگهڻ جي هر ڪوشش سخت عوامي ردعمل کي جنم ڏيندي. جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته سنڌ جي جاگرافي، تاريخ يا قومي حيثيت سان کيڏڻ آسان آهي، اهي پنهنجي سياسي مفادن خاطر ملڪ کي باهه جي آڙاھہ ۾ اڇلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه سياسي شخصيتون سستي شهرت حاصل ڪرڻ يا ميڊيا جي سرخين ۾ رهڻ لاءِ اهڙا بيان ڏين ٿيون، جن جا نتيجا انتهائي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. فواد چوڌري جو تازو بيان به اهڙي ئي غير ذميواراڻي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو. اهڙا بيان ڄاڻي واڻي انهن عنصرن کي همٿ ڏين ٿا، جيڪي سنڌ اندر ڇڪتاڻ، جهيڙا ۽ خونريزي ڪرائڻ جا خواهشمند آهن. ڪنهن به ذميوار سياستدان کي اهو حق حاصل ناهي ته هو پنهنجي سياسي مفاد خاطر قومي امن کي داءَ تي لڳائي.
سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته هن ڌرتي کي ڪمزور ڪرڻ، ورهائڻ يا ان جي قومي سڃاڻپ کي ميسارڻ جون جيڪي به سازشون ڪيون ويون، سي ناڪام ٿيون. تاريخ جو فيصلو سدائين انهن قوتن خلاف آيو، جن سنڌ جي وجود سان ٽڪراءُ جي راهه اختيار ڪئي. جيڪي سنڌ کي ميسارڻ جا خواب ڏسندا رهيا، اهي پاڻ وقت جي وهڪري ۾ گم ٿي ويا، جڏهن ته سنڌ پنهنجي تاريخي عظمت، قومي شعور ۽ عوامي طاقت سان اڄ به سربلند بيٺي آهي. تاريخ مان سبق نه سکڻ سياسي انڌائپ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.
ان کان به وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه قوتون سنڌ ۾ نفرت، ورهاست ۽ تصادم جي فضا پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙن معاملن کي شعوري طور استعمال ڪري رهيون آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي اهو گمان آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وحدت، تاريخ ۽ قومي حقن بابت خاموش رهندا ته اها سندس وڏي ۾ وڏي ڀل آهي. سنڌ جي عوام بار بار ثابت ڪيو آهي ته هو پنهنجي ڌرتي، پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجي گڏيل وجود تي ڪنهن به قسم جو سوديبازي وارو رويو قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
ملڪ هن وقت وڌيڪ ڪنهن به سياسي مهم جوئي يا غير ذميواراڻي تجربي جو متحمل نٿو ٿي سگهي. جيڪي ماڻهو سنڌ جي ورهاست جا نعرا هڻي سياسي باهه ڀڙڪائڻ چاهين ٿا، انهن کي سمجهڻ گهرجي ته اهڙي سياست سان نه جمهوريت مضبوط ٿيندي، نه وفاق، نه ئي قومي استحڪام. جيڪڏهن واقعي ملڪ سان همدردي آهي ته ماڻهن کي ورهائڻ بدران گڏ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي، نفرت بدران اعتماد پيدا ڪيو وڃي، ۽ تڪرارن بدران آئين ۽ وفاقي اصولن جي پاسداري ڪئي وڃي. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رياستي ادارا، سياسي قيادت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙي اشتعال انگيز بيان بازي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن. اظهار راءِ جي آزادي جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪو به شخص قومي حساسيت سان کيڏي، هم آهنگي کي نقصان پهچائي يا عوام کي هڪ ٻئي جي سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪري.