ميرپوربٺوري ۾ سارين جو فصل مارڪيٽ پهچي ويو،اگهن ۾ لاٿ،3ڪلو ڪٽوتي،آبادگارن جا مٿي تي هٿ

سيپٽمبر 28, 2024

ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺورو ۾ سارين جو فصل مارڪيٽ ۾ اچي ويو، سارين جو فصل مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط ڪارخانيدارن پاران وڏي پئماني تي اگھن ۾ لاٿ سبب آبادگارن ۾ ڳڻتي جي لھر ڇائنجي وئي، في مڻ جو اگھه 3100 سئو رپين مان گھٽجي 2800 سئو رپيا مقرر ٿي ويو، آبادگارن ايوب زئور، محمد خان ابڙو، صدام جت، رمضان ميمڻ ۽ ممتاز زئور پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته برساتن سبب ساريالي فصل کي تمام گھڻو نقصان پھتو آھي، سارين جو ايوريج وزن جي حساب سان گھٽ لھي رھيو آھي، مٿان وري ڪارخانيدارن پاران اگھ ۾ لاٿ ڪري ويتر ناانصافي ڪئي آهي، جڏهن ته في مڻ تي 3 کان 4 ڪلو جي ڪٽوتي پڻ جاري آھي، هنن چيو ته ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن تي وڏو خرچ ٿيو آھي، مناسب اگھه نه ملڻ سبب نقصان جو خدشو آهي، آبادگارن مطالبو ڪيو ته سارين جي گھٽ اگھ تي نوٽيس وٺي نقصان کان بچايو وڃي.

Leave A Comment