ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ طبيعت سڌرڻ لڳي
مَي 23, 2024
قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ طبيعت سڌرڻ لڳي، نصرالله گڏاڻي کي گذريل ڏينهن ايئر ايمبولنس ذريعي رحيم يار خان مان ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو، نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي خلاف سنڌ ۾ مظاهرا جاري، ميرپور ماٿيلو ۾ ايس ايس پي آفيس جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو، قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاريءَ جو مطالبو، سيوهڻ، ڪنڌرا، حيات پتافي، منهڙو، مورو ۽ باڊهه ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ صحافين جو احتجاج، مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نصرالله گڏاڻي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، صحافي تي قاتلاڻو حملو ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي