ميرپور ماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي جو هفتو گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

مَي 27, 2024

ميرپور ماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي جو هفتو گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، گذريل ڏينهن شهيد نصرالله جي امڙ پٺاڻي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ميرپور ماٿيلو ٿاڻي پهتي ته عملو غائب ٿي ويو، ان کان اڳ شهيد جو ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهتو ته شهيد جي امڙ کيس فريادي ٿيڻ کان روڪي ورتو، شهيد نصرالله جي امڙ پٺاڻي جو چوڻ آهي ته هڪ پٽ اڳ ئي شهيد ٿي چڪو آهي، ٻئي پٽ کي فريادي بڻائي مارائڻ نه ٿي چاهيان، مائي جندو جيان ڏاٽو کڻي قاتلن جون منڍيون لاهينديس، 2 سال اڳ منهنجي پٽ تي فائرنگ ڪئي وئي هئي پر کيس الله بچايو، هيل خبر نه آهي ته حملو ڪندڙ ڪير هئا

ميرپور ماٿيلو پوليس جي شهيد نصرالله قتل ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڳوٺ ڪمال لنڊ تي چڙهائي

ميرپور ماٿيلو پوليس جي شهيد نصرالله قتل ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڳوٺ ڪمال لنڊ تي چڙهائي
ميرپور ماٿيلو پوليس جي شهيد نصرالله قتل ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڳوٺ ڪمال لنڊ تي چڙهائي، ذريعن موجب 2 جوابدار سفير لنڊ ۽ سبزل لنڊ گرفتار، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شڪ جي بنياد تي اڳ ۾ گرفتار ڪيل ٻن جوابدارن رمضان ڀٽو ۽ نثار لاٽڪي جي نشاندهي تي ڪارروائي ڪئي وئي، نثار لاٽڪي سفير ۽ سبزل لنڊ سان به واقعي بعد رابطي ۾ هو

شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا جاري

.شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا جاري، ڪوٽڙي، ڄامشورو، مورو، راڻيپور، قاضي احمد، ڄام صاحب ۽ پنگريو ۾ احتجاج، مبارڪپور، قمبر، نوان جتوئي، اڏيرو لال، ميهڙ، ڀان سيد آباد، ڀريا ۽فيض گنج ۾ به مظاهرا، سنڌ يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن جو به مظاهرو، شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو، ڪراچي بار ايسوسيئيشن شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڪراچي بار پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جڊيشل ڪميشن انهن حالتن جو جائزو وٺي جيڪي شهيد نصرالله جي قتل جو سبب بڻيون، شهيد صحافي جي قتل جي اصل ڪارڻن خاص ڪري شهيد جي صحافتي ڪم سان ان جي تعلق جو پتو لڳايو وڃي

Leave A Comment