ميرپور ساڪري جا روڊ رستا پاڻي هيٺ، اسپتال نه پهچڻ سبب 2 ڳورهاريون فوت

سيپٽمبر 2, 2024

ميرپور ساڪرپ (رپورٽ: صاحب ڪلمتي) ميرپور ساڪرو ڀرسان يونين ڪائونسل ڪڪڙانڊ جي ڳوٺ کارڙو ملاح ۽ ڄامن ملاح مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، جڏهن ته رستو ٻڏي وڃڻ ڪري ٻه ڳورھارين عورتن اسپتال نيئندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، ڪريمان زال عرس ملاح ۽ صاحبه زال خميسو ملاح اسپتال وقت تي نه پهچڻ سبب دم ڏنو، ڳوٺاڻن علم الدين رند، عامر رند، عاشق رند ۽ ٻين چيو ته ايريگشن ۽ ڊريـنج کاتي جي نااھلي جي ڪري ڳوٺ ٻڏي ويا، روڊ رستا پاڻي ھيٺ آهن، بيمار ماڻهو اسپتال پھچي نٿا سگھن، روڊ رستن ۽ ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

Leave A Comment