ميرپورخاص ۾ 20 اپريل کان پيپلز بس هلندي: ڪيش ليس سمارٽ ڪارڊ 25 اپريل کان لانچ ٿيندو: شرجيل ميمڻ

اپريل 15, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سرڪار پاران ميرپورخاص ۾ 20 اپريل کان پيپلز بس شروع ڪرڻ جو اعلان، 19 اپريل تي ڪراچي ۾ پنڪ بس جي 2 روٽن جو اضافو ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو

 ان ڏس ۾ ٽرانسپورٽ، ايڪسائيز  ۽ اطلاعات واري سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 20 اپريل کان ميرپورخاص ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي

 هن چيو ته ڪراچي ۾ پنڪ بس ۾ 10 بسن جو اضافو ڪري وڌيڪ 2 روٽ شروع ڪيا ويندا، 19 اپريل تي پنڪ بس جي نون روٽن جو افتتاح ڪيو ويندو، جڏهن ته ميرپورخاص ۾ پيپلز بس جو افتتاح وري 20 اپريل تي ٿيندو

 شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪيش ليس آٽو ميٽڊ ڪليڪشن سمارٽ ڪارڊ 25 اپريل کان لانچ ڪيو ويندو، پيپلز بس سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا،  اقتصادي سرگرمين کي به هٿي ملندي

Leave A Comment