مرزا جي کنڀيل ساٿين جي سجاول جوڻيجي ۾ منشيات ڪيسن ۾ گرفتاري، ٽنڊي باگي ۾ هڙتال، مظاهرا
آگسٽ 1, 2024
ڪراچي (نمائندن وٽان) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي پوليس رتوديرو – شھدادڪوٽ روڊ تان انجنيئر لاڙي وٽان ٽنڊو باگو شھر جي رھواسي جي ڊي اي اڳواڻ غلام محمد خواجا عرف دلبر سنڌي ۽ فيصل عمران چيما کي مجموعي طور 11 سئو گرام آئيس منشيات سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوي’ ڪئي آهي جڏهن ته پوليس طرفان ٻنهي ڄڻن مٿان آئيس منشيات جا 2 ڪيس داخل ڪيا آهن. ھوڏانھن سجاول جوڻيجو پوليس طرفان گرفتار ڄاڻايل ٻنهي ڄڻن کي سول ڪورٽ شھدادڪوٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي ڪورٽ طرفان 14 ڏينهن جو رمانڊ ڏئي ٻنهي ڄڻن کي جيل ڪسٽڊي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو . ٻئي طرف ٽنڊوباگو ۾ جي ڊي اي اڳواڻ غلام محمد خواجه ۽ سندس دوست فيصل چيما کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف ٽنڊوباگو ۾ شهرين ۽ واپارين پاران شٽر بند هڙتال ڪري ڪاروبار مڪمل طور تي بند رکيو ويو. جڏهن ته جي ڊي اي، قومي عوامي تحريڪ، جماعت اسلامي جي ڪارڪنن سان گڏ سوين شهرين بخاري جي پڙ کان سڪندر علي ميمڻ، خدا ڏنو شاه، انتظار مهدي خواجا، سليم چانڊيو، ارشاد علي خواجه جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي ٽنڊوباگو جهڏو روڊ تي پريس ڪلب چوڪ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ملڪاڻي شريف لطف علي ملڪاڻي، حنيف من چانڊيو، فرمان هنگورجو، حبيب الله لغاري ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. هوڏانهن پيرولاشاري ۾ حبيب الرحمان ٿيٻو، حاجي شريف خاصخيلي، فياض ٿيٻو، بلاول ٿيٻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. گولاڙچي ۾ مھر مري، پيروز شاھاڻي، حسن جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڪڙيوگهنور ۾ حسام نظاماڻي، عنايت چانڊيو، احسان عمر سمون، حاجي محمد ڪنڀار، محمد عمر ماڇي، رضا علي سمون، لطيف خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. بدين ۾ جي ڊي اي ۽ مرزا گروپ جي اڳواڻن پاران خدا ڏنو شاهه، ڪامريڊ عبدالله چانڊيو، زين شاهه، رفيق قاضي، آدم ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.
انتقامي ڪارروائي طور اسان جا ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا: فهميده مرزا
بدين(رپورٽر) اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر فھميده مرزا پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ٽنڊو باگو مان اسان جي سرگرم ڪارڪن جي ڊي اي اڳواڻ دلبر خواجا ۽ فيصل چيما کي گرفتار ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، هن چيو ته اسان جي ماڻھن کي گرفتار ڪري سياسي انتقام وٺندي اصل منشيات فروشن کي تحفظ فراھم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ھن مطالبو ڪيو ته ڪوڙي ڪيس ۾گرفتار جي ڊي اي ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪيو وڃي، جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر فھميده مرزا چيو آھي ته سنڌ حڪومت مھانگائي، بي روزگاري، منشيات فروشي بدآمني تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي غلطي، ڪرپشن ۽ عوام دشمن پاليسي مٿان پردو وجھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي سياسي مخالفن جي خلاف هٿ ٺوڪيون ڪارروايون ڪرڻ تي لھي آئي آھي. ھن چيو ته دلبر خواجا ۽ فيصل چيما جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتاري قمبر شھداد ڪوٽ ۾ ظاھر ڪرڻ حڪومت جي منافقي ظاھر ڪري ٿي، ڊاڪٽر فھميده مرزا چيو ته بدين ضلعي سميت سڄي سنڌ جي ماڻھن کي خبر آھي ته منشيات فروشي ۾ پ پ جا اڳواڻ ملوث آھن جن کي سنڌ پوليس جي سرپرستي حاصل آھي، ڊاڪٽر فھميده مرزا چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس آف سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جي ڊي اي جي بي گناھ ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ذميوان خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻن دلبر سنڌي ۽ فيصل چيما کي فوري آزاد ڪرايو وڃي،
پوليس بااثرن جي ونگار تي ڀاءُ مٿان منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي: انتظار
ٽنڊوباگو: دلبر سنڌي جي ڀاءُ انتظار خواجا پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي پوليس بااثر سياسي ماڻهن جي ونگار وهندي ٻنهي ڄڻن مٿان منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ھن آءِ جي سنڌ چيف جسٽس سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي سياسي بنيادن تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري انصاف ڏياريو وڃي