شرپسندن هٿان زخمي ٿيل اسلام آباد پوليس جو اهلڪار شهيد: گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ حملو ٿيو: آءِ جي

آڪٽوبر 7, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد پوليس جو شرپسندن هٿان زخمي ٿيل اهلڪار شهيد ٿي ويو، ڊي چوڪ تي احتجاج دوران پوليس اهلڪار عبدالحميد شاهه کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. ڊي چوڪ تي شهيد ٿيل پوليس ڪانسٽيبل جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، وفاقي گهرو وزير، خيبرپختونخوهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، آءِ جي پنجاب، ڪمشنر راولپنڊي، ڪمشنر اسلام آباد، ڊي سي اسلام آباد، سول ۽ هٿياربند فوج جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. ترجمان اسلام آباد پوليس چيو آهي ته سياسي پارٽي جي مظاھرين پوليس اهلڪار عبدالحميد شاهه کي اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويو آهي. شهيد عبدالحميد 26 چونگي تي امن امان جي ڊيوٽي تي مقرر هو. شهيد عبدالحميد انويسٽيگيشن ونگ ۾ مقرر هيو، شهيد عبدالحميد ايبٽ آباد جو رهواسي هو. شهيد عبدالحميد 1988ع ۾ اسلام آباد پوليس ۾ شامل ٿيو، شهيد عبدالحميد 3 مهينن کانپوءِ پوليس سروس مڪمل ڪري رٽائر ٿيڻو هو. هوڏانهن گهرو وزير محسن نقوي آءِ جي اسلام آباد پوليس کي هدايت ڪئي ته شهيد ڪانسٽيبل عبدالحميد شاهه تي تشدد ڪندڙ شرپسندن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي. شهيد عبدالحميد شاهه تي تشدد ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، هن چيو ته شهيد ڪانسٽيبل جا ٻه پٽ آهن، هڪ سي ڊي اي ۾ ۽ ٻيو پوليس ۾ ڀرتي ٿيندو، ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ شهيد پيڪيج جو اعلان پڻ ڪيو ويندو. جڏهن ته آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي چيو آهي ته مظاهرين پٿراءُ، تشدد ڪري جوان کي شهيد ڪري ڇڏيو. هڪ گهر نه پر پوليس ۾ ماتم آهي، وزير اعظم ملائيشا جي اچڻ ۽ ايس او ايس ڪانفرنس جي موقعي تي اسلام آباد تي حملو ڪيو ويو، پوليس جي 154 ملين رپين جي لاڳت جي 441 ڪئمرائن، 10 پوليس جي گاڏين ۽ 31 موٽر سائيڪلن ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، خيبرپختونخوا ۾ پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي، اُتان شيل ۽ گوليون مليون آهن. هن وقت تائين 878 شرپسندن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن ۾ 120 افغان شهري آهن، جن کي فارن نيشنل ايڪٽ کي به منهن ڏيڻو پوندو. 8 ٿاڻن ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. آءِ جي اسلام آباد سيد علي ناصر رضوي جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڌاڙيلن سان وڙهندڙ نوجوان شهيد ٿي ويو، پوليس جي صفن ۾ اڄ تمام گهڻو درد ۽ ڏک آهي، هن چيو ته خيبرپختونخوا هائوس ۾ به اسان تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي. اسان وٽ ان جا سمورا فوٽيجز ۽ رڪارڊ موجود آهن، هاڻي اسلام آباد اندر انهن جي ٺڪاڻن تي وينداسين. اسلام آباد مان سمورن شرپسندن کي گرفتار ڪيو ويندو، احتجاج ڪندڙن کان پرائيويٽ پسٽل کان علاوه سرڪاري هٿيار پڻ مليا. اسلام آباد ۾ چڙهائي جو پروگرام خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ ٿيو.

Leave A Comment