جعلي پارليامينٽ مان ترميم ڪرائڻ زيادتي آهي، هن اسيمبلي کي آئين ۾ تبديلي جو حق ئي ناهي، ٻيهر اليڪشن ڪرائي وڃي: فضل الرحمان

سيپٽمبر 30, 2024

پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هيءَ پارليامينٽ ته آئيني ترميم ڪرڻ جو مينڊيٽ نٿي رکي، ان جعلي قسم جي پارليامينٽ مان ايڏي وڏي آئيني ترميم ڪرائڻ ناانصافي آهي. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ جو مينڊيٽ ناهي ته اها ترميم ڪري، اسان چاهيون ٿا ته نيون چونڊون ٿين، هيءَ پارليامينٽ ايڏي وڏي آئيني ترميم جي حقدار ناهي، جعلي قسم جي پارليامينٽ مان قانون سازي ڪرڻ مناسب ناهي. هن چيو ته پ پ، پي ٽي آءِ ۽ اسان مسودو شيئر ڪنداسين، اهڙي ترميم آڻيو، جنهن سان عوام کي رليف ملي، جمهوريت مضبوط ٿئي، پارليامينٽ جي خود مختياري تي ڪا سوديبازي نه ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته نه مرڪز ۾ نه خيبر پختونخواهه ۾ عوام جي حڪومت آهي، ڪي پي ۾ اسان جو مينڊيٽ چورائي انهن کي ڏنو ويو، صوبي ۾ باهه ٻري رهي آهي، اها ئي صورتحال بلوچستان جي آهي، هتي به ماڻهو گم آهن ۽ بلوچستان ۾ به. فضل الرحمان چيو ته جلسا روڪڻ غير جمهوري آهي، پي ٽي آءِ کي جلسن جي اجازت نه ڏيڻ زيادتي سمجهان ٿو. پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ملڻ گھرجي، سياسي ڪارڪنن کي روڪڻ غير جمهوري رويو آهي.  هڪ سوال جي جواب ۾ فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ويراعليٰ جو لهجو ٻاراڻو آهي، انکانسواءِ ڪجهه ناهي.علي امين گنڊاپور جي بيان جي ڪا اهميت ناهي، وزيراعليٰ کي اهڙي قسم جو بيان نه ڏڻ گھربو هو.  هن چيو ته عدليه ۾ سڌارا آڻيو، آئيني عدالت ڏانهن وڌو، بنيادي حقن کي نه لوڙهڻ گھرجي. هن چيو ته شاهد خاقان عباسي منهنجي گھر آيو هو، هو راضي ٿي ويو هو ته ڪجهه نڪتا واپس وٺي پر آمريڪا جي دٻاءُ تي قبائلي علائقن کي ضم ڪيو ويو، انضمام جينالي تي قبائلي عوام سان ظلم ٿيو آهي. قبائلين کي 8 سو ارب رپيا ملڻ گھرجن ها سوا ارب رپيا به ناهن مليا. پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته مسجد اقصيٰ جي آزادي تائين جھاد جاري رهندو، لبنان جي باهه سڄي دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي سگهي ٿي، عرب ملڪن کي هن ڳالهه تي غور ڪرڻو پوندو ته اسرائيل جنگ پکيڙي ڇڏي آهي، گڏيل دفاعي نظام نه ٺاهيو ته باهه سڀني کي وڪوڙي ويندي.

Leave A Comment