موهن جو دڙو ويجهو سنڌو درياهه ۾ چاڙهه، 15 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏپلاڻ
آگسٽ 22, 2024
موهن جو دڙو(رپورٽ: معشوق ڏيرو)موهن جو دڙو ڀرسان سنڌو درياهه ۾ چاڙهه اچي ويو آھي، جڏھن ته هڪڙا بچاءَ بند وٽان پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آھي، پاڻي ڪپرن سان اچي لڳو آھي ۽ ڪچي جا 15 کان مٿي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آھن جڏھن ته تِرن ۽ جوئر جو فصل مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويو آھي. جڏھن ته هَڪڙا بچا بند ڪمزور ٿي ويو آھي، بند جي مٿان وڏا کڏا پئجي ويا آھن پر آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران بندن مٿان پيل کڏن مٿان مٽي نه وجهرائي آھي، جڏھن ته ڪهڙي وقت به روڻ پوڻ جو امڪان موجود آھي، جڏھن ته هڪڙا بچاءُ بند وٽان پاڻي جو دٻاءُ برقرار آھي، برسات پوڻ دوران سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب جواڻ ٻَرڙو،کوهارو، نهال ٻَرڙو، محمد ٻَرڙو، ڪرم چنو، پيارو ٻَرڙو، گل ميمڻ، علي مراد جتوئي، ٻاجهي جتوئي سميت ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آھن. جڏھن ته پوکيل تِرن ۽ جوئر جو فصل مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويو آھي، ڳوٺاڻا پاڻي ۾ ڦاٿل آھن. سرڪاري سطح تي ڳوٺاڻن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ انتظاميه ڪو به تحرڪ نه ورتو آھي. هوڏانهن متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته اسان جا لکين رپين جا تِر ۽ جُوئر جو فصل سميت گهر به ٻُڏي ويا آھن، جڏھن ته گهرن ۾ پيل قيمتي سامان به پاڻي ۾ لڙهي ويو آهي. جنهن ڪري اسان کي وڏو نقصان پهتو آهي. پر انتظاميه سندن ڪا به مدد نه ڪئي آهي. هوڏانهن بندن جي نگراني ڪندڙ آبپاشي کاتي جي عملدارن جو چوڻ آھي ته ٻوڏ جي صورتحال ناهي، هنن چيو ته سنڌو درياهه جڏھن چاڙھ ڪندو آھي ته ڪچي ۾ ھيٺانهين وارا ڳوٺ ٻُڏي ويندا آھن،باقي پاڻي ۾ واڌ ٿي آھي، هنن چيو ته باقي ڪيترائي ڳوٺ اڃان پاڻي هيٺ آھن. فصل به مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويو آھي، هنن چيو ته اسان بندن جي نگراني ڪري رهيا آھيون، جيڪا صورتحال ٿئي ٿي ته اسان پنهنجن آفيسرن کي ٻڌايون ٿا.
مبارڪپور لڳ موسيٰ الهه آباد شاخ کي 50 فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ
مبارڪپور(ن پ ا ) مبارڪپور لڳ موسي الھه آباد شاخ کي ڳوٺ عبدالجبار کوسو وٽان 50 فوٽ گهارو پئجي ويو سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچڻ بعد پاڻي آبادي ڏانهن وڌڻ لڳو آهي اهڙو اطلاع آبپاشي کاتي جي عملدارن کي ملڻ باوجود عملو غائب رهيو، گهارو تيزيءَ سان وڌندو پيو وڃي، پاڻي ساريالي فصل کي ٻوڙڻ بعد علائقي واسين جو وڏو نقصان ٿيو آهي، رهواسي پريشان آهن، متاثر علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گهارو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ وڏو نقصان ٿيندو، پاڻي جو رخ ڳوٺ زرق بروهي، جمن شاھ، نظام مستوئي ۽ لاشار گولو ڏانهن آهي، جنهن جي ٻڏڻ جو خطرو آهي، رهواسين جو ساھ مٺ ۾ آهي، ڊي سي جيڪب آباد سميت لاڳاپيل انتظاميه اگھور ننڊ ستل آهي.
باقراڻي: سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب 10 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا
باقراڻي (ن پ ا) سنڌو درياھ ۾ پاڻي جي چاڙھ سبب باقراڻي تعلقي جي ڪچي جا 10 کان وڌيڪ ڳوٺ جواڻ ٻرڙو ، ڳوٺ ڪريم ڏنو کوھارو ، ڳوٺ جان محمد ميمڻ ، ڳوٺ لائق ٻرڙو ، ڳوٺ شاھن ٻرڙو ، ڳوٺ ٻاجھي جتوئي ، ڳوٺ نانگراج ، ڳوٺ ڪوٽ چانڊڪو ، ڳوٺ گل ٻرڙو ، ڳوٺ مڱريو سميت 12 ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن، ڪچي واري علائقي ۾ ڳوٺاڻن جا سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل جوئر ، ساريون ، تر ۽ سبزين جا فصل پڻ پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن جنهن سبب کين لکين روپين جو نقصان پڻ ٿيو آهي ، پاڻي وھڪرن ۾ مسلسل چاڙھ سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت پڪي طرف لڏپلاڻ ڪري رھيا آهن جڏهن ته سوين ڳوٺاڻا توڙي سندن چوپايو مال ھن وقت به پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺن جي گھرن اندر موجود آھي ھوڏانھن سرڪار پاران ڪچي جي ڳوٺاڻن کي پڪي طرف منتقل ڪرڻ لاء ڪي به اپاء نه ورتا ويا آهن ، ان سلسلي ۾ پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺن جي ڳوٺاڻن نظير کوھارو ، محمد اسلم کوھارو ، گلزار ميراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اوچتو درياھ جو پاڻي چڙھي آيو آهي ۽ ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن، جن جو پڪي سان زميني رابطو ڪٽجي چڪو آهي، هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي انجنيئر نادرن لاڙڪاڻو عبدالحفيظ عباسي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن کان سنڌو درياهه ۾ عاقل بند کان هڪڙا بند تائين پاڻي ۾ لاٿ اچي چڪو آهي، بندن کي ڪوبه خطرو ناهي، آبپاشي عملو بچاءَ بندن تي چوڪس آهي ڇو ته وڌيڪ 4 لک 35 هزار پاڻي جي وهڪري اچڻ جو امڪان پڻ آهي، باقي خطري جي ڪابه ڳالھه ناهي، درياهه جي پيٽ ۾ قائم ڪيل ڳوٺ ۾ معمول مطابق پاڻي اچي ويو آهي.