موهن جو دڙو ويجهو سنڌو درياهه ۾ چاڙهه، ڳوٺاڻن زمينداري بند ٻڌي ورتو

آگسٽ 29, 2024

موهن جو دڙو(رپورٽ: معشوق ڏيرو) موهن جو دڙو ڀرسان حسن واهڻ بچاء بند وٽان سنڌو درياھ ۾ چاڙھ اچي ويو،ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت حسن واهڻ کان نئين گڏ تائين 4 ڪلو ميٽرن تي زمينداري بند ڏنو آھي،جڏھن ته زمينداري بند تي ڳوٺاڻن لکين رپيا خرچ ڪري ترن جو فصل سميت ڪيترن ڳوٺن کي ٻُڏڻ کان بچائي ورتو آھي.جڏھن ته پاڻي جو دٻاء هئڻ سبب پاڻي زمينداري بند جي ڪپرن سان لڳو آھي.بند ٽٽڻ سان ڳوٺاڻن جو فصل توڙي گهر ٻُڏي ويندا.ان موقعي تي امداد چنو، خليل مشوري، عجيب ڪلهوڙو، علي گل چنو، محب علي بيهڻ  ۽ ٻين ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته سنڌو درياھ ۾ حسن واهڻ بچاء بند وٽان پاڻي جو دٻاءُ برقرار آھي، جنهن ڪري اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺاڻن لکين رپين جو چندو گڏ ڪري زمينداري بند ڏنو آھي، هنن چيو ته اسان ڏينهن رات زمينداري بند تي پاڻ حفاظت ڪندا آھيون ته جيئن بند کي ڪٿان روڻ پئجي وڃي ته بروقت اسان ان تي ڪنٽرول ڪري سگهون، هنن چيو ته جيڪڏھن برسات تمام گهڻي پوي ٿي ته پوءِ زمينداري بند ٽٽڻ جو انديشو موجود آھي، پوءِ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا ۽ گهڻو نقصان ٿيندو، هنن چيو ته آبپاشي کاتي جو صوبائي وزير ڄام خان شورو سيڪريٽري آبپاشي توڙي ضلعي انتظاميه کي اپيل آھي ته حسن واهڻ بچاءَ بند کي ڏنل زمينداري بند کي مظبوط ڪري ڏنو وڃي ته جيئن اسان وڏي نقصان کان ڳوٺاڻا بچي سگهون.

Leave A Comment