موهن جو دڙو ويجهو سنڌو درياهه ۾ چاڙهه، مختلف ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ
آگسٽ 23, 2024
موهن جو دڙو(ن پ ا) موهن جو دڙو ڀرسان سان سنڌو درياهه ۾ مسلسل چاڙهه اچي رهيو آهي، جڏھن ته درياھ جو پاڻي ڪچي جي چوڌاري مختلف ڳوٺن ۾ پهچي ويو آھي، هڪڙا بچاءَ بند، دين پور، نور شاهه، ٻلهڙِيجي، درگاهه محبڻ وٽان درياھ جو پاڻي تيزي سان وڌڻ لڳو آھي، جڏھن ته ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آھن. تِرن ۽ جوئر جو فصل مڪمل پاڻي هيٺ آھي.جڏھن ته ڪچي جي ڳوٺن جو زميني رابطو به ڪٽجي ويو آھي،سنڌو درياهہ ۾ مسلسل چاڙهہ سبب ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ جنهن ۾ بيدي لاشاري، مٺو لاشاري، دودو ڪلهوڙو، دين پور، جاڙو ڪلهوڙو، ڏاڏو لاشاري، جهنڊو لاشاري، وريان ڪلهوڙو، وارث ڪلهوڙو، ڳوٺ بليدي، هٽڙي غلام شاهه ڪلهوڙو سميت ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آھن. پوکيل تِرن ۽ جوئر جو فصل مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويو آھي، ڳوٺاڻا پاڻي ۾ ڦاٿل آھن. سرڪاري سطح تي ڳوٺاڻن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ انتظاميه اڃان تائين ڪو به تحرڪ نه ورتو آھي. ڪيترائي ڳوٺ پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي مان نڪري بندن تي ويٺل آھن. هوڏانهن ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان جا لکين روپين جو ترن ۽ جوئر جو فصل ۽ گهر ٻُڏي ويا آھن جڏھن ته گهرن ۾ پيل قيمتي سامان به پاڻي ۾ لڙهي ويو آهي، واهر ڪئي وڃي.