مون سون جو طاقتور اسپيل طوفان ۾ تبديل، موسميات کاتي ٽراپيڪل سائيڪلون جو ٽيون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو
آگسٽ 30, 2024
مون سون جو طاقتور اسپيل طوفان ۾ تبديل، موسميات کاتي ٽراپيڪل سائيڪلون جو ٽيون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، ڊيپ ڊپريشن رڻ ڪچ ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾موجود، ڪراچي ۾ اتر اوڀر کان 60 کان 70ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوائون گُهلڻ لڳيون، طوفاني هوائون گُهلڻ سبب سنڌ سيڪريٽريٽ، گلستان جوهر ۽ ڪورنگي سميت مختلف علائقن ۾ وڻ ڪري پيا، هڪ عورت فوت، 3 واٽهڙو زخمي، ڪيترين ئي گاڏي کي نقصان، موسميات کاتي چيو آهي ته طاقتور سسٽم آهستي آهستي حرڪت ڪندو اولهه ۽ ڏکڻ طرف وڌي رهيو آهي، سسٽم ڪراچي جي اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر کان 170 ڪلوميٽر پري آهي، چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته هي سسٽم اولهه ۽ ڏکڻ-اولهه طرف وڌيڪ حرڪت ڪندو رهندو، اهو سسٽم پنهنجي شدت برقرار رکندي اڄ تائين سنڌ جي ساحلي پٽي ڀرسان اچي سگهي ٿو، جتي سازگار موسمي حالتن سبب ٿوري وقت لاءِ سامونڊي طوفان ٺهي سگهي ٿو، اُن کي اَسني جو نالو ڏنو ويندو، هن دفعي ٺهندڙ سامونڊي طوفان جو نالو پاڪستان پاران رکيو ويندو، پاڪستان پاران تجويز ڪيل نالي اَسنـِي جي معنيٰ بُلند تَر آهي