حج دوران سخت گرمي سبب 500 کان وڌيڪ حاجي فوت ٿي ويا
جُون 19, 2024
مڪي ۾ هلندڙ حج سيزن دوران هيٽ اسٽروڪ سبب 577 حاجي فوت ٿي ويا
پرڏيهي خابرو اداري موجب گرمي سبب فوت ٿيندڙ زائرين مان 323 جو تعلق مصر، جڏهن ته 144 جو تعلق انڊونيشيا سان آهي
پرڏيهي خابرو اداري موجب اردن جا 60 ۽ تيونس جا 35 حاجي گرمي سبب فوت ٿي ويا، جڏهن ته ايران جا 11 ۽ سينيگال جا 3 حاجي حج دوران گرمي سبب فوت ٿي ويا
خابرو اداري موجب سومر تي مڪي شريف ۾ گرمي پد 51.8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو
ياد رهي ته سعودي موسميات کاتي هن سال حج سيزن دوران سخت گرمي جي اڳڪٿي ڪئي هئي۽ سعودي وزارت موجب
حج ۽ عمري جي حوالي سان زائرين لاءِ پاڻي جي ڦووارن ۽ ٿڌي پاڻي جو بندوبست ڪيو ويو ھو.ان کان علاوه سعودي انتظاميه مختلف ملڪن کان آيل حاجين جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ان کان بچڻ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي ھئي