تحريڪ انصاف پاران سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججز آڻڻ خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل وڃڻ جو اعلان

جُولاءِ 18, 2024

…. پي ٽي آءِ پاران ايڊهاڪ ججز جي مقرري جي مخالفت ڪندي سپريم جڊيشل ڪائونسل سان رابطي جو اعلان، سني اتحاد ڪائونسل ۽ پي ٽي آءِ جي گڏيل اجلاس بعد اهم فيصلن جو اعلان، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ايڊهاڪ ججز جي مقرري بدنيتي تي ٻڌل فيصلو آهي، اهڙي قدم سان بي اعتمادي وڌندي، پي ٽي آءِ تي پابندي واري فيصلي کي حڪومت جي خاتمي جو ڪائونٽ ڊائون قرار ڏيندي بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ محبت وطن پارٽي هئي، آهي ۽ رهندي، پي ٽي آءِ چيئرمين پاران اليڪشن ڪميشن ۾ 37 ميمبرز جا قسم ناما جمع ڪرائڻ جو اعلان، اليڪشن ڪميشن کان ترت نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو، بئريسٽر گوهر چيو ته مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عمل ڪرائڻ چيف جسٽس جي آئيني ذميواري آهي، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته ايڊهاڪ ججز مقرر ڪرڻ جو مقصد هم خيال ججز آڻڻ آهي، ايڊهاڪ ججز مقرر ڪرڻ سان 56 هزار ڪيس ختم نه ٿيندا، سينيٽر شبلي فراز چيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ واري ڳالهه مڪروهه حرڪت هوندي، هتي آئين ۽ قانون کي جُتِيءَ تي رکيو پيو وڃي

Leave A Comment