تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

Motivation Note … ذهني غلامي جسماني غلامي کان بدتر

هڪ عام چوڻي آهي ته جسماني غلامي کان ذهني غلامي وڌيڪ خطرناڪ ۽ بدتر هوندي آهي، ڇو ته ذهن تمام عجيب طريقي سان ڪم ڪندو آهي. ذهن ڪيئن ڪم ڪندو آهي ۽ جسم ڪيئن ڪندو آهي؟ اهي تمام خطرناڪ شيون آهن، هڪ ڀيري ٿيو ائين جو هڪ نوڪر پنهنجي مالڪ وٽ ڊوڙندو آيو ۽ چيو ته مالڪ سڀ گهوڙا ٻڌي ڇڏيا آهن، هڪ گهوڙي لاءِ رسو نه پيو ملي ڇا ڪريان، مالڪ چيو ته هڪ طريقو آهي مون وٽ، رسي جي ضرورت ئي ناهي، تون گهوڙي وٽ وڃي ۽ ان جي ڪنڌ ۾ صرف رسو ٻڌڻ وانگر خالي هٿ گول ڦيراءِ، جنهن بعد اها رسي ڇڪي هڪ ڪلي سان ٻڌڻ جو ناٽڪ ڪر. نوڪري چيو حاضر مالڪ، نوڪر واپس ڊوڙندو ويو، ان گهوڙي کي پڪڙي ڪنڌ ۾ خالي رسو ٻڌڻ وانگر ڦيرايو ۽ رسي کي ڪلي سان ٻڌڻ جو ناٽڪ ڪري مالڪ وٽ موٽي اچي چيو ته مالڪ رات جو گهوڙو ڀڄي ويندو، مالڪ کيس چيو ته پريشان نه ٿي، ڪيڏانهن نه ويندو گهوڙو. ايئن جڏهن سڄي رات رسي سان ٻڌل گهوڙا بيٺل رهيا ۽ جنهن کي رسي ٻڌڻ جو ڊرامو ڪيو ويو اهو گهوڙو به بيٺل رهيو، صبح سان سمورن گهوڙن جي نوڪر رسي کولي، سڀ گهوڙا ٻاهر چرڻ هليا ويا، پر اهو هڪ گهوڙو نه ويو، نوڪري مالڪ وٽ اچي وري چيو ته مالڪ ڪمال ٿي ويو، گهوڙو ته وڃي نه پيو، مالڪ کيس چيو وڃ گهوڙي جو رسو ته کولي اچ، ته نوڪر وڃي جيئن رسو ٻڌڻ جو ڊرامو ڪيو هو تيئن پهريان ڪلي مان رسي کولڻ جو ناٽڪ ڪيو، گهوڙي جي ڪنڌ مان خالي هٿ گول ايئن ڦيرايو ڄڻ رسو کوليندو هجي، ايئن ڪرڻ بعد نوڪر پاسي تي ٿي بيٺو ۽ ڏسي ته گهوڙو وڃڻ لڳو، ته ان کي چئبو آهي ذهني غلامي جيڪا گهوڙي قبول ڪئي پر جسماني آزادي استعمال نه ڪئي.
Selection By Mansoor Nisar

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *