تحريڪ انصاف انتظاميا پاران اجازت نه ملڻ بعد رٿيل جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو

جُولاءِ 6, 2024

تحريڪ انصاف اسلام آباد انتظاميا پاران اجازت نه ملڻ بعد ترنول ۾ رٿيل اڄوڪو جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ عمر ايوب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄوڪو ترنول وارو جلسو هاڻي عاشورن کانپوءِ ٿيندو، عمر ايوب چيو ته اسلام آباد انتظاميا ۽ حڪمرانن عدالت جو حڪم نه مڃي عدالتي توهين ڪئي

ڊي سي او پهرين عدالتي حڪم تي جلسي جي اجازت ڏني، بعد ۾ ڪمشنر ان اين او سي کي رد ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف ترنول ۾ اڄوڪي جلسي جي اجازت رد ڪرڻ تي اسلام آباد انتظاميا خلاف توهين عدالت جي درخواست به داخل ڪرائي ڇڏي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالتي حڪم باوجود ترنول واري جلسي جي اجازت رد ڪرڻ توهين عدالت آهي، انتظاميا پاران جلسي لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ بعد ان کي رد ڪيو ويو

سيڪيورٽي صورتحال ۽ محرم الحرام جي ڪري پي ٽي آءِ جي جلسي لاءِ جاري ڪيل اين او سي رد ڪيو ويو: ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رنڌاوا جي وضاحت

سيڪيورٽي صورتحال ۽ محرم الحرام جي ڪري پي ٽي آءِ جي جلسي لاءِ جاري ڪيل اين او سي رد ڪيو ويو: ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رنڌاوا جي وضاحت، ڪمشنر اسلام آباد جو چوڻ آهي ته ترنول ۾ 3 جولاءِ تي هٿيار هٿ ڪيا ويا هئا، سيڪيورٽي خدشن سبب جلسي جي اجازت نه ڏني وئي، اين او سي جي معطلي جو فيصلو شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڪيو ويو

Leave A Comment