تحريڪ انصاف پاران وفاقي بجيٽ خلاف پارليامينٽ ۾ ڀرپور احتجاج جو اعلان

جُون 12, 2024

تحريڪ انصاف پاران وفاقي بجيٽ خلاف پارليامينٽ ۾ ڀرپور احتجاج جو اعلان، پي ٽي آءِ جي ايم اين اي عامر ڊوگر چيو ته ناڻي وارو وفاقي وزير پاڻ چوي ٿو ته اسان وٽ ڪو به پلان بي موجود ناهي، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ئي بجيٽ ٺاهي وئي آهي، آءِ ايم ايف جي بجيٽ سان ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان ايندو، پي ٽي آءِ جي ايم اين اي زرتاج گل چيو ته پيپلزپارٽي وارا چون ٿا اسان کي بجيٽ جي ڪا خبر نه آهي، نوازليگ وارن کي وري بجيٽ جي ڪهڙي خبر آهي؟ پيپلزپارٽي کي سڀ خبر آهي، پيپلز پارٽي جي ڪلهو ڏيڻ سبب ئي هيءَ حڪومت هلي رهي آهي، پيپلزپارٽي پنجاب ۾ بدناموسي واري قانون تي به دوکو ڪيو

Leave A Comment