پي ٽي آءِ پاران چونڊ ترميمي بل چيلنج: اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي
آگسٽ 7, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪِ انصاف اليڪشن ايڪٽ تريميمي بل سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر علي خان طرفان سلمان اڪرم راجا ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل خلاف آرٽيڪل 184 ٽي جي آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي مخصوص سيٽون ٻين پارٽين کي ڏيڻ کان روڪيو وڃي، عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏنيون وڃن. درخواست ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي فهرست اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي، 12 جولاءِ جي عدالتي فيصلي کانپوءِ مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ جو حق آهي، جنهن ۾ اليڪشن ترميمي ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ گوڙ باوجود اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو هو. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن طرفان مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن کان اڳ نون ليگ به مخصوص سيٽون تحريڪِ انصاف کي ڏيڻ واري فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست داخل ڪري چڪي آهي جڏهن ته مخصوص سيٽن تي چونڊيل ڪجهه ميمبرن به فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪئي آهي. نظرثاني درخواست ۾ سني اتحاد، صاحبزاده حامد رضا، ايم ڪيو ايم، پ پ، ن ليگ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ کي عدالتي فيصلي ۾ رليف ڏنو ويو، تحريڪ انصاف ڪيس ۾ پارٽي نه هئي، آزاد ميمبرن به سپريم ڪورٽ سان رابطو نه ڪيو، اليڪشن ڪميشن چيو ته فيصلي ۾ ڪجهه اهڙين حقيقتن کي مڃيو ويو جيڪي عدالتي رڪارڊ تي به نه هيون، پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي اميدوارن به ڪڏهن دعويٰ ناهي ڪئي، 80 ميمبرن سني اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، جن پنهنجي شموليت جو حلف ڊڪليئريشن جمع ڪرائي، سني اتحاد ڪائونسل چونڊن ۾ حصو نه ورتو، مخصوص سيٽن جي فهرست به نه ڏني، 41 ميمبرن کي ٻيهر پارٽي وابستگي جو موقعو ڏيڻ جو ڪو به جواز ناهي، درخواست ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن کي معاملي تي موقف ڏيڻ جو موقعو نه ڏنو ويو، سپريم ڪورٽ جو 12 جولاءِ جو فيصلو امتيازي ۽ هڪ پارٽي جي حق ۾ آهي، سپريم ڪورٽ اڪثريتي فيصلي ۾ عدالتي دائري اخيار کي اورانگهيو، ڪنول شوزب سني اتحاد ڪائونسل کان مخصوص سيٽ لاءِ آئي هئي، سني اتحاد جي ٻن ڪيٽيگرين ۾ تقسيم به غلط آهي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي 13 رڪني بئنچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏيندي عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.