مبارڪ ثاني ڪيس ۾ وفاقي درخواست منظور، فيصلن مان تڪراري پيراگراف ختم: انا جو مسئلو بڻائڻ بدران غلطي سڌارڻ گهرجي: چيف جسٽس
آگسٽ 23, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ مبارڪ ثاني ڪيس ۾پنجاب حڪومت جي نظرثاني درخواست ۾ وفاقي سرڪار جي درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت 6 فيبروري ۽ 24 جولاءِ جي فيصلن مان تڪراري پيراگراف ڪڍي ڇڏيا، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، عالمن ۽ مذهبي جماعتن جي دليلن بعد سُپريم ڪورٽ اردو ٻولي ۾ مختصر حڪمنامو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته عالم سڳورن 24 جولاءِ جي فيصلي جي مختلف نقطن تي اعتراض واريا، فيصلي مان پيرا گراف نمبر 49 سِي، 42 ۽ 21 ڪڍي ڇڏيا آهن، اُنهن پيراگرافن کي مثال طور پيش نٿو ڪري سگهجي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصلو پڙهي ٻڌايو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ عالمن جي راءِ تسليم ڪري ورتي، آئين ۽ قانون موجب قاديانين کي ٻن صورتن ۾ حق ملندا هڪ ته ختم نبوت کي مڃن ٻيو پاڻ کي غير مسلم مڃن.سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي ڪيس ۾ لاڳو قلمن جو قانون موجب جائزو وٺڻ جو به حڪم ڏنو. اُن کان اڳ ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان کان ڪا غلطي ٿئي ته انا جو مسئلو بڻائڻ بدران اِصلاح ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ جي ڳالهه اکين تي آهي، نظرثاني داخل ڪندڙن جا ٿورائتو آهيان، وضاحت ڪرڻ گهرون ٿا ته جِن کي نوٽيس ڪيو، اُنهن گهڻا دستاويز ڏنا هئا، اُنهن سمورن دستاويزن کي ڏسي نه سگهياسين، جيڪا ڪوتاهي آهي، اسان جو ملڪ اسلامي رياست آهي، عدالتي فيصلن ۾ قرآن پاڪ ۽ حديث جا حوالا ڏيندا آهيون، اسان ڪنهن غلطي کان مٿانهان نه آهيون، اسان کي ڪنهن قتل جي ڌمڪي ڏني پر پلاند ناهي ورتو. اٽارني جنرل ٻڌڻي دوران چيو ته نظرثاني ۾ جڏهن اوهان فيصلو ڏنو ته پارليامينٽ ۽ عالمن وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو، چيو ويو ته حڪومت ذريعي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪريو، اسپيڪر جو خط مليو ۽ وزيراعظم به هدايت ڏني هئي، معاملو مذهبي آهي ته عالمن کي ٻُڌو وڃي، عدالت مفتي تقي عثمان، مولانا فضل الرحمان، مفتي شير محمد ۽ عدالت ۾ موجود ٻين عالمن کان معاونت وٺڻ جو فيصلو ڪيو، صاحبزاده ابوالخير محمد زبير، جماعت اسلامي جو فريد پراچا به معاونت ڪندو. مفتي تقي عثماني استدعا ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جا ٻه پيراگراف 7 ۽ 42 حذف ڪيا وڃن، ڪيس مان قلم ختم ڪرڻ جي حڪم ۾ به ترميم ڪئي وڃي، قلم لاڳو ڪرڻ يا نه ٿيڻ جو معاملو ٽرائل ڪورٽ تي ڇڏيو وڃي، اصلاح وڏي دل سان ڪرڻ گهرجي، عدالت سيڪشن 298سي کي نظر ۾ نه رکيو، معاملو اهڙو هجي ته وڏا فيصلا لکڻا پوندا آهن، غيرمسلم کي مسلمان ظاهر ڪندي تبليغ جي اجازت ناهي، قادياني اقليت ۾ آهن پر پاڻ کي غيرمسلم تسليم ناهن ڪندا، مولانا فضل الرحمان مفتي تقي عثماني جي گذارشن جي حمايت ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ پوري فيصلي تي نظرثاني ڪري. مولانا فضل الرحمان چيو ته عالمن جي پنهنجي راءِ ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ به سامهون اچي چڪي آهي، اوهان درست فرمايو ته غلطيون ٿي وينديون آهن، اڄ اوهان سڀ شڪايتن جو ازالو ڪري رهيا آهيو. چيف جسٽس چيو ته والد صاحب جي لاڏاڻي تي مفتي محمود تعزيت لاءِ گهر آيو هو، تاريخ ورجائڻ نٿو چاهيان، گورداس پور، فيروزپور اسان کي ملن ها ته ڪشمير اسان جي هٿن مان نه وڃي ها، پاڪستان لاءِ جنگ منهنجي والد صاحب به وڙهي آهي، منهنجي والد هر شيءِ پاڪستان لاءِ لڳائي ڇڏي، ڪنهن مون کي قتل جي ڌمڪي ڏني مون ڪنهن کان بدلو نه ورتو، فضل الرحمان چيو ته مبارڪ ثاني جو ٽرائل جاري رهڻ گهرجي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، مبارڪ ثاني کي اوهان ضمانت جو مستحق سمجهو ٿا ته الڳ ڳالهه آهي، ان جي توهين آميز قدمن تي سمورا قلم ان تي لڳندا، قاديانين کي غيرمسلم قرار ڏيڻ واري ڪاميٽي جو فيصلو پارليامينٽ ويب سائيٽ تي اڃا ناهي رکيو، چيف جسٽس چيو ته اهو معاملو اوهان پارليامينٽ ۾ اٿاريو. مفتي طيب قريشي چيو ته عدالت کي هٿ ٻڌي استدعا ڪريان ٿو ته مسلمان ٻڏتر جو شڪار آهن انهن کي تسلي ڏيو، جيڪي تجويزون عالمن ڏنيون آهن انهن تي عمل ڪيو وڃي. صاحبزاده ابوالخير محمد زبير چيو ته سپريم ڪورٽ نظرثاني فيصلي جو پيراگراف 42 حذف ڪري، جماعت اسلامي جي فريد پراچا چيو ته عدالتي فيصلي جي پيرا 7 تي اسان کي اعتراض آهي، عدالتي فيصلي جي پيرا 40،39،38،37،49سي جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي. مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر عطاءُالرحمان چيو ته مبارڪ ثاني ڪيس ۾ اسان کي اميد آهي ته هي آخري موقعو هوندو ۽ مناسب فيصلو ايندو، عالمن جي تجويزن سان متفق آهيون، مسلمانن جا جذبا هن معاملي سان جڙيل آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وڪيل لطيف کوسه چيو ته اسان کي پارليامينٽ ميمبر طور ٻڌو وڃي، چيف جسٽس چيو ته کوسه صاحب پارليامينٽ تمام گهڻي با اختيار آهي، پارليامينٽ ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو به ختم ڪري سگهي ٿي، اوهان ته پارليامينٽ مان فيصلو ختم به ڪرائي سگهو ٿا.
عالمن جو عدالتي ڪمري ۾ احتجاج: خاموش ٿيو: چيف جسٽس
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ مبارڪ ثاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالتي ڪمري ۾ ڪجهه عالمن احتجاج شروع ڪري ڏنو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته خاموش ٿي وڃو، فضل الرحمان کي مخاطب ٿيندي چيف جسٽس چيو ته مولانا صاحب هنن کي سمجهايو، مولانا فضل الرحمان چيو ته اوهان جي عدالت آهي اوهان جو حڪم هلندو، اوهان هن ڪيس کي ڪنهن نتيجي تي پهچايو، ان بعد عدالت ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو.
مفتي طيب پاران چيف جسٽس کي مسجد معابد خان پشاور جي دوري جي دعوت
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ مبارڪ ثاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران مفتي طيب قريشي چيف جسٽس کي پشاور ۾ مسجد معابد خان جي دوري جي دعوت ڏني، چيف جسٽس چيو ته ڇا اها مسجد شايد چوڪ يادگار ۾ آهي؟ منهنجي والد تحريڪ پاڪستان ۾ سڀ کان بهترين تقرير چوڪ يادگار ۾ ڪئي هئي، منهنجو والد چوندو هو ته سڄو ميڙ مسلم ليگ مخالف هو تقرير بعد سڀني قائداعظم جا نعرا هنيا.
پهريون ڀيرو عدالت آڏو بيٺو آهيان(فضل الرحمان) اسان ايترا خراب ناهيون: چيف جسٽس
اسلام آباد: مولانا فضل الرحمان مبارڪ ثاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته آئون 72ورهين ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن عدالت سامهون بيٺو آهيان، مون کي الله عدالت کان بچائي رکيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان ايترا خراب ناهيون.
مفتي منيب الرحمان پاڻ سپريم ڪورٽ نه آيو، نمائندو موڪلي ڇڏيو
اسلام آباد: مبارڪ ثاني ڪيس جي ٻڌڻِي دوران مفتي منيب الرحمان نه آيو، عدالت کي ٻڌايو ويو ته مفتي منيب پاران نمائندو آيو آهي، مولانا تقي عثمان ترڪيه کان وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيو