مبارڪپور: گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙيون دٻجي ويون، هڪ فوت ۽ ٻي جي حالت نازڪ: اسپتال منتقل

مَي 7, 2024

مبارڪپور ڀرسان هڪ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙيون دٻجي ويون، هڪ فوت ۽ ٻي جي نازڪ حالت ۾ جيڪب آباد اسپتال منتقل، ڳوٺ زمان مھر ۾ ٻارڙا راند کيڏي رهيا ها ته اوچتو پناهه واري ڀت ٻارن مٿان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 سالن جي شھلا ڌيءُ امتياز مهر ٿڏي تي فوت ٿي وئي، 5 سالن جي فرزانا ڌيءُ جاويد مهر سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارث جيڪب آباد اسپتال کڻائي ويا، واقعي بعد گهر ۾ روڄ راڙو

Leave A Comment