مراد علي شاهه پاران ڍورو پراڻ کان شڪور ڍنڍ تائين پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن جي بحاليءَ جو افتتاح

جُولاءِ 24, 2024

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ڍورو پراڻ کان شڪور ڍنڍ تائين پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن جي بحاليءَ جو افتتاح

وڏي وزير ڪلوئي ويجهو اسپائينل ڊرين آر ڊي 210 جو به افتتاح ڪيو، وڏي وزير زيرو پوائنٽ وٽ پهچي اسپائينل ڊرين جو افتتاح ڪيو

صوبائي وزير ڄام خان شورو، ارباب لطف الله، اسماعيل راهو، ذوالفقار شاهه ۽ ٻيا به وڏي وزير سان گڏ موجود هئا، وڏي وزير چيو ته هاڻي بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ نوابشاهه ضلعن جي لکين ايڪڙ زمينون سيلابن دوران نه ٻڏنديون، پاڻيءَ جي نيڪال جي پراڻن رستن جي بحالي ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنس جي عوام جو پراڻو مطالبو هو

وڏي وزير چيو ته ايل بي او ڊي جي ڊزائين تي شهيد بينظير ڀٽو به اعتراض واريا هئا، ڇاڪاڻ ته ان سان پاڻيءَ جا قدرتي لنگهه بند ٿي ويا هئا، ايل بي او ڊي 1980 واري ڏهاڪي جو منصوبو هو ۽ اهو منصوبو واپڊا تعمير ڪيو هو

سنڌ حڪومت ايل بي او ڊي جي ڊزائين ۾ ڪجهه ترميمون ڪري پاڻيءَ جا پراڻا لنگهه بحال ڪيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري جو حڪم هو ته پاڻيءَ جا پراڻا لنگهه بحال ڪري زرعي معيشت کي ترقي وٺرائي وڃي

Leave A Comment