مراد علي شاهه شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
جُون 5, 2024
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وڏي وزير پاران صوبائي گهرو وزير کي لکيل خط ۾ قتل ڪيس جي جڊيشل انڪوائري لاءِ گهربل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي هدايت، صحافين پاران شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ وڏي وزير کي خط لکيو ويو هو، سڄي سنڌ ۾ صحافين جي احتجاج دوران به واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو