موري ۾ ملڪيت تڪرار تان جوابدار هٿان شنوائي تان موٽندڙ ويڳي ماءُ ۽ مامو قتل، گرفتار
آڪٽوبر 24, 2024
مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ۾ جوابدار ملڪيت جي تڪرار تان عدالت ۾ ڪيس هلڻ ۾ دير ٿيڻ تي ويڳي ماءُ مامي کي شنوائي تان واپس ايندي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، واٽهڙو زخمي، جوابدار گرفتار، قتل جو اعتراف، خبر موجب شھر جي مين روڊ تي جوابدار راشد علي ڀٽي عدالت مان شنوائي تان واپس موٽندڙ ويڳي ماءُ ساجدهه ۽ ويڳي مامي وحيد سابقي کي رپيٽر جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب واٽهڙو غلام سرور عرف ڀولو رحماني زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل عورت ۽ نوجوان جا لاش کڻائي مورو اسپتال آندا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمي دڪاندار کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، عورت ۽ سندس ڀاءُ جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتول عورت ساجدهه جي ماسات صدام حسين ٻڌايو ته ملڪيت جي معاملي تي ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندڙ ھو، ڪالهه پيشي کان واپس ايندي جوابدار راشد علي ڀٽي رپيٽر جا فائر ڪري پنھنجي ويڳي ماءُ ۽ ويڳي مامي وحيد سابقي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، ھن سان ٻيا جوابدار پڻ گڏ ھئا، جيڪي فرار ٿي ويا آھن، مورو پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ٻٽي قتل جي جوابدار راشد علي ڀٽي کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار رپيٽر ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي، پوليس موجب فوري ناڪابندي ڪري ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو، جنھن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آھي، سندس چوڻ آھي ته اسان جو ملڪيت جي معاملي تان ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندڙ ھو، ھر ڀيري تاريخ ملڻ تي تنگ ٿي اھڙو قدم کنيو
ڪيس ٻن سالن کان ھلندڙ ھو، عدالت انصاف نه ڪيو: وارث
مورو: مقتول عورت ۽ نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته مرحوم غلام سرور ڀٽي کي ھن گھر واري مان ھڪ نياڻي جو اولاد ھو، جنھن پنھنجي ملڪيت پٽن کانپوءِ ھن نياڻي کي لکي ڏني ھئي، جنھن جو ڪيس ٻن سالن کان عدالت ۾ ھلندڙ ھو، گذريل شنوائي تي ھلندڙ ڪيس دوران جج طرفان سخت ناراضگي جو اظھار ڪيو ويو، جنھن تي جوابدار عدالت اندر موت مار ڌمڪيون ڏنيون ھيون، هنن چيو ته جوابدار وڏو ظلم ڪيو آھي، ملڪيت جي لالچ ۾ 2 خون ڪري ڇڏيا، جيڪڏھن عدالت مان بروقت انصاف ملي ھا ۽ ھنن کي پروٽيڪشن ملي ھا ته شايد اھڙو واقعو نه ٿئي ها، ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي
ڪيس داخل، جوابدار شنوائي تي نه اچڻ جون ڌمڪيون ڏنيون: فريادي
مورو: واقعي جو مورو ٿاڻي تي مقتولن جي ڀاءُ زاھد سابقي جي فرياد تي 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ گرفتار جوابدار راشد علي ڀٽي، اسد علي ڀٽي، شمس الدين عرف شمن ڀٽي، ڪامران ابڙو، لياقت ڀٽي ۽ 2 نامعلومن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، فريادي ڄاڻايو آھي ته سندس ڀيڻ ساجدهه ۽ ڀاءُ وحيد سابقي کي جوابدارن ڌمڪيون ڏنيون ھيون ته ڪورٽ ۾ ھلندڙ ڪيس جي شنوائي تي نه اچجو، ٻي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جن حملو ڪري ٻنهي کي قتل ڪيو