يوسيز ۾ رکيل مسلمان سينيٽري ورڪرز ڪم نٿا ڪن، لوڪل ڪائونسلون ڪارڪردگي سڌارين: پي اي سي

نومبر 2, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) مڪاني کاتي جي ماتحت ادارن ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي جي اختيارين 4 سالن جو آڊٽ رڪارڊ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي حوالي ڪرڻ ۾ ناڪام، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار کهڙو پاران لاڳاپيل اختيارين کي رڪارڊ جمع نه ڪرائڻ تي ڇنڊ، 14 نومبر تائين هر حال ۾ رڪارڊ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان ڪالهه مڪاني ادارن واري کاتي بابت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مڪاني ادارن واري کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد حيدر شاھه ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين پاران شرڪت ڪئي وئي. اجلاس دوران لاڳاپيل اختيارين پاران ڪي ڊي اي ۽ سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي جو 4 سالن جي آڊٽ وارو رڪارڊ جمع نه ڪرايو ويو، جنهن تي پي اي سي چيئرمين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ مهينو اڳ رڪارڊ آڻڻ جي آگاهي ڏيڻ باوجود رڪارڊ جمع نه ڪرايو ويو آهي؟ کاتي جي آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ويو ته مڪاني ادارن وارو کاتو اهم کاتو آهي ان لاءِ آڊٽ پيرائن جا ورڪنگ پيپر ڇو موجود ناهن؟ ۽ کاتي کي ذميواري محسوس ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي مڪاني کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد حيدر شاهه ٻڌايو ته ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل جي ڪالهه پوسٽنگ ٿي آهي، پر هُن بيماري سبب اڃا تائين چارج ئي ناهي ورتي. ان لاءِ آڊٽ رڪارڊ جي فراهمي لاءِ مهلت ڏني وڃي. جنهن تي پي اي سي چيئرمين کاتي کي مهلت ڏيندي 14 نومبر تي ڪي ڊي اي، ايم ڊي اي، ايل ڊي اي ۽ ماسٽر پلان اٿارٽي جي آڊٽ پيرائن بابت ٻيهر پي اي سي جو اجلاس گهرائي ورتو. جنهن لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي پابند بڻايو ويو ته 14 نومبر تي رڪارڊ جمع ڪرايو وڃي. ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته اجلاس دوران پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو پاران بلديات کاتي جي سيڪريٽريءَ کان پڇيو ته سڄي سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن کي ساليانو ڪيترو او زيڊ ٽي شيئر جاري ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن کي هلندڙ سال 160 ارب روپين جو او زي ٽي فنڊ جاري ڪيو پيو وڃي جڏهن ته گذريل سال ڪائونسلن جو او زيڊ ٽي شيئر 120 ارب روپيا هو جنهن ۾ هلندڙ سال 40 ارب روپين جو واڌارو ڪري لوڪل ڪائونسلن جو او زيڊ ٽي شيئر 160 ارب روپيا ڪيو ويو آهي جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن کي 160 ارب روپيا سنڌ حڪومت فنڊ فراهم ڪري رهي آهي ان جي باوجود عوام بهتريءَ لاءِ سوال ڪري رهيو آهي. هڪ يوسيءَ ۾ ته 70 ملازم آهن ۽ ڪيترن ئي يوسيز ۾ ته مسلمان سينيٽري ورڪر رکيا ويا آهن جيڪي سينيٽيشن جو ڪم به نه ٿا ڪن نه ئي ڊيوٽي ڪري رهيا آهن. اسين چاهيون ٿا ته لوڪل ڪائونسلون عوام جي بهتريءَ لاءِ فنڊ خرچ ڪن ته جيئن کاتي جو تاثر بهتر وڃي نه ته لوڪل گورنمينٽ جو تصور ناڪام ٿيندو

پگهار آن لائن نه هجڻ وارو معاملو پي اي سي ۾ پهچي ويو

ڪراچي: لوڪل ڪائونسلن جي ملازمن جو پگھارون آن لائين نه هجڻ سبب شڪايتن وارو معاملو به پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس تائين پهچي ويو، پي اي سي چيئرمين پاران مڪاني ادارن جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته بلديات کاتي ۽ لوڪل ڪائونسلن جي ملازمن جون پگهارون آن لائين ڪيون وڃن جيئن او زيڊ ٽي فنڊن مان صرف ترقياتي ڪم ٿي سگهن ۽ پگهارون آن لائين نه ٿيڻ سبب ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتيءَ جون شڪايتون پڻ الڳ سان ملي رهيون آهن جنهن تي بلدياتي کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد حيدر شاهه پي اي سي کي ٻڌايو ته لوڪل ڪائونسلن جا هزارن جي تعداد ۾ ملازم آهن جن جي ڊيٽا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ کان پگهارون آن لائين جاري ڪرڻ شروع ڪيون وينديون جيڪو عمل مرحلي وار ٻين ضلعن لاءِ به ڪيو ويندو. جڏهن ته لوڪل ڪائونسلن جا پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر سي ايم او، ايم سي آهن ۽ کاتي جو سيڪريٽري ناهي جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته لوڪل ڪائونسلن جي آڊٽ پيراز کي الڳ سان ڪنهن ڏينهن شيڊيول تحت ڏٺو ويندو.

مڪاني ۽ لوڪل ڪائونسل ملازمن لاءِ انٽيگريٽيڊ فنانشل سسٽم آڻڻ جو اعلان

ڪراچي: مڪاني ادارن واري کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد حيدر شاهه چيو آهي ته مڪاني ادارن واري کاتي ۽ لوڪل ڪائونسلن جي ملازمن جون پگهارون آن لائين ڪرڻ لاءِ انٽيگريٽيڊ فنانشل سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي

Leave A Comment