ن ليگ به بلوچستان حڪومت ٺاهڻ لاءِ سندرا ٻڌي ورتا، ڄام ڪمال ۽ کيٿران کي رابطن جو ٽاسڪ

فيبروري 19, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نواز ليگ به بلوچستان حڪومت ٺاهڻ لاءِ سندرا ٻڌي ورتا،  ڄام ڪمال، سردار عبدالرحمان کيٿران سوڌو 7 رڪني ڪاميٽي کي رابطن جو ٽاسڪ ڏنو ويو، ان حوالي سان اليڪشن ۾ نواز ليگ جي نئين چونڊيل ميمبرن جو اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو، صوبي ۾ حڪومت سازي تي مشاورت بعد 7رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي جنهن ۾ ڄام ڪمال، سردار عبدالرحمان کيٿران، محمد خان لهڙي، جمال شاهه ۽ ٻيا شامل آهن. پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي صدر اڳوڻي صوبائي وزير شيخ جعفر خان مندوخيل چيو آهي ته چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري بلوچستان جي اڪثريتي پارٽي بڻجي چڪي آهي ۽ اسان جي جماعت حڪومت کي ليڊ ڪندي. حڪومت سازي جي لاءِ 7 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا سياسي جماعتن سان رابطا ڪري رهي آهي ۽ اهي رابطا وڌيڪ تيز ڪيا ويندا، هن چيو ته اسان جي جماعت حڪومت ۾ اچي بلوچستان جا مسئلا حل ڪندي، صوبي ۾ مهانگائي، بيروزگاري، بدامني کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، هن چيو ته حڪومت سازي جي حوالي سان سياسي جماعتن ۽ آزاد ميمبرن سان رابطا جاري آهن. اجلاس ۾ نئين چونڊيل صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن، صوبائي صدر کي حڪومت سازي ۽ ٻين سياسي جماعتن، آزاد ميمبرن سان رابطن جي حوالي سان مختلف تجويزون ڏنيون.

Leave A Comment