ن ليگ جو ووٽر ٻاهر نڪري آيو جيڪو سٺو سنئوڻ آهي: مريم نواز
اپريل 22, 2024
لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي وزيرِ اعليٰ مريم نواز ننڍي چونڊ جي پولنگ دوران دعويٰ ڪئي ته ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ جا سمورا اميدوار واضح اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا. پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته ن ليگ جو ووٽر ٻاهر نڪري رهيو آهي جيڪو سٺو سنئوڻ آهي. هن چيو ته ن ليگ جا سمورا اميدوار واضح اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا. مريم نواز چيو ته سندن مشن نواز شريف جي ويجن کي اڳتي وڌائڻ آهي، نواز شريف جي قيادت ۾ ن ليگ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اندر پنجاب جي عوام کي رليف ڏنو، پنجاب ۾ جلد ليپ ٽاپ ۽ آءِ پيڊ اسڪيم متعارف ڪرائنداسين.