نيب ترميمي ڪيس: پي ٽي آءِ باني عمران خان کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جا انتظام ڪرڻ جو حڪم
مَي 14, 2024
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نيب ترميمن واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان چاهي ته وڊيو لنڪ ذريعي دليل ڏئي سگهي ٿو
نيب ترميمون ڪالعدم ڏيڻ واري فيصلي خلاف وفاقي حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته هن ڪيس ۾ پٽيشنر پي ٽي آءِ باني عمران خان ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو ته ان لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، پي ٽي آءِ باني عمران خان هن ڪيس ۾ اهم ڌر آهي، اسان هن کي پيش ٿيڻ جي حق کان ڪيئن روڪي سگهون ٿا، هي نيب جو معاملو آهي ۽ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ سندس حق آهي
چيف جسٽس چيو ته هي آئين بابت معاملو آهي، ڪنهن جي ذاتي حقن جو معاملو نه آهي، هڪ ماڻهو جيڪو وڪيل به نه آهي اهو اسان کي معاونت ڪيئن فراهم ڪري سگهي ٿو؟ اسان جو آرڊر هو ته هو پنهنجي وڪيل ذريعي دليل ڏئي سگهي ٿو، اسان پنجن منٽن لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪري ان تي مشاورت ڪري ٿا وٺون
وقفي کانپوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي
عدالت رمارڪس ۾ چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن، چيف جسٽس چيو ته هي عجيب صورتحال آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جيڪو هن ڪيس ۾ درخواست گذار هو ۽ هاڻي اپيل ۾ ڌر آهي، هن جي هتي نمائندگي نه آهي، پي ٽي آءِ باني عمران خان جيڪڏهن دليل ڏيڻ چاهي ٿو ته وڊيو لنڪ ذريعي دليل ڏئي سگهي ٿو
اٽارني جنرل پي ٽي آءِ باني عمران خان جي وڊيو لنڪ ذريعي حاضري جا انتظام ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت جي استدعا ڪري ڇڏي
چيف جسٽس پي ٽي آءِ باني عمران خان جي 16 مئي تي وڊيو لنڪ ذريعي پيشي جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي درخواست نيب قانون ۾ ڪيل ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو وفاقي سرڪار فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي