وزيراعظم پاران آءِ ايم ايف سان گڏجي بجيٽ ٺاهڻ جو اعتراف: اپوزيشن سان ڳالهيون، نيب ختم، ميثاق معيشت ڪريو: بلاول
جُون 25, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ ڪالهه به بجيٽ تي بحث جاري رهيو، پيپلزپارٽي بجيٽ جي منظوري ۾ ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف سان گڏجي بجيٽ ٺاهڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيب ختم ڪريو، اپوزيشن سان ڳالهيون ڪريو، ميثاق معيشت ڪريو، حڪومت سان گڏ آهيون. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اها حقيقت آهي اسان کي آءِ ايم ايف سان گڏجي بجيٽ ٺاهڻي پئي، اها ئي حالتن جي گهرج آهي. وزيراعظم آءِ ايم ايف کان خوشخبري جي اميد ظاهر ڪندي چيو ته اسان کي آءِ ايم ايف جو جواب اچي ويو ته ٻڌائينداسين ۽ اميد آهي ته خوشخبري ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) جي خاتمي جو اعلان ٿي چڪو آهي، اتي وڏي ڪرپشن ٿيندي آهي، سڀ ميمبر ڄاڻين ٿا، خرچ گهٽائڻ بابت تفصيل هڪ ڏيڍ مهيني ۾ سامهون آڻينداسين. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ بجيٽ تي ڳالهائيندي پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام جو اصل مسئلو سياسي بيان بازي، سياسي اختلاف ناهي، عوام جو مسئلو اهو به ناهي ته ڪير جيل ۾ آهي ۽ ڪير جيل ۾ وڃڻ وارو آهي. وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ عوام کي روٽي ڪپڙا مڪان، غريب ۽ مهانگائي ۾ دلچسپي آهي. عوام اميد رکي ٿو ته اسان ذاتي مسئلا سائيڊ تي رکنداسين. هن چيو ته وزير اعظم شهباز شريف ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪئي. ميثاق معيشت کان بغير مسئلا حل نه ٿي سگهندا اِن تي مخالف ڌر سان به ڳالهائڻو پوندو، مخالف ڌر کي به گهرجي ته اسان سان گڏ ويهي احتجاج بجاءِ پنهنجون تجويزون ڏئي. پاڪستان جون معاشي حالتون ڪنهن کان لڪل ناهن. دعاگو آهيان ته وزير اعظم پاڪستان کي مشڪل مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مهانگائي ۾ ڪجهه گهٽتائي اچي رهي آهي ، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فنڊ ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي مان اِن تي حڪومت جو ٿورائتو آهيان. بلاول چيو ته باجوه ڊاڪٽرائن کان 18 هين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي خطرو هيو اسان اِن خلاف گڏ ٿياسين اسان کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي آئيني تحفظ ڏيڻو آهي ته جئين سازش ڪامياب نه ٿي سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٽيڪس نيٽ وڌائڻو آهي ته وڏن ماڻهن ۽ ڪمپنين تي ڊائريڪٽ ٽيڪس لڳائڻو آهي. وفاقي حڪومت اهو ڪري ته صوبي کي گڊز جي گڊز تي سيلز ٽيڪس جمع ڪرڻ جو اختيار ڏي. صوبا سيلز ٽيڪس گڏ ڪندا ته اوهان جي اڪائونٽ ۾ ويندو، وڌيڪ ٽيڪس وصولي ٿئي ته صوبن کي فائدو ملڻ گهرجي. اوهان تجرباتي طور تي اِن تي ٻه سال ڪم ڪريو. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته 75 کان 80 سيڪڙو ان ڊائريڪٽر ٽيڪسز لڳايا ويا آهن ان جو سڀ کان وڌيڪ بار غريب ماڻهو کڻندو. 18 هين آئيني ترميم تحت 17 کان 18 وزارتون منتقل ٿيڻيون هيون. هن بجيٽ ۾ هارين تي وڌيڪ بار وڌو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي فيصلو ڪن ته غريب ماڻهن کي مفت سولر لڳرائي ڏيڻو آهي. توانائي پيداوار ۾ مقامي ڪول، سولر ونڊ، هائيڊل کي اهميت ڏيڻ گهرجي. موسمي تبديلي جي حوالي سان قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ نسل سوال ڪندي. هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پاٽنر شپ کي 2018 ۾ بريڪ لڳي ويو. بلاول چيو ته نيب ۽ پاڪستاني معيشت گڏ نٿا هلي سگهن. اسان جو منشور آهي ته نيب کي ختم ڪريو هاڻي ته اوهان جي منشور ۾ به نيب کي ختم ڪرڻ شامل آهي. نيب صرف سياستدانن جي لاءِ آهي ڪنهن ٻئي جي لاءِ ناهي. نيب جو ادارو سياسي انجنيئرنگ، سياست ۽ جمهوريت کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو. فيصلا ڪيا وڃن ته اسان هڪ ٻئي جي عزت ڪنداسين. اسان کي پنهنجي سياست کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪنهن کي جيل موڪلڻ جي ضرورت ناهي. ان تي عمل ٿيندو ته پبلڪ پرائيويٽ پاٽنر شپ اڳتي وڌندي. بلاول چيو ته دهشتگردي ختم ڪرڻ متعلق يا معاشي فيصلن تي مشاورت جي ضرورت آهي. جيستائين سياسي مشاورت شامل نه هوندي اسان اڳتي نٿا وڃي سگهون. کير تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ ڪنهن سياستدان جو فيصلو نٿو ٿي سگهي پر هي بابو جو فيصلو آهي. اسٽيشنري تي ٽيڪس لڳائڻ به ڪنهن بابو جو فيصلو آهي. هي بجيٽ بابوئن جي آهي جيڪا بابوئن پاران بابوئن جي لاءِ ٺاهي وئي آهي. ان قسم جا بيوقوفاڻا فيصلا واپس ورتا وڃن. حڪومت کي يقين ڏياريان ٿو ته حڪومت سان گڏ آهيون. قومي اسيمبلي اجلاس کان اڳ اسحاق ڊار بجيٽ تي خدشا ختم ڪندي بلاول کي بجيٽ منظوري ۾ ساٿ ڏيڻ تي راضي ڪري ورتو، پ پ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ بجيٽ منظوري لاءِ وفاق جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث ختم ڪندي ناڻي وزير محمد اونگزيب چيو آهي ته بجيٽ بابت تجويزون ڏيڻ سٺو عمل آهي، حڪومت ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻ چاهي ٿي، ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ سڌارن کي تيز ڪيو پيو وڃي، ايف بي آر سڌارن لاءِ 7 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ايف بي آر ڏکين حالتن باوجود ٽيڪس وصولي ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل شروع ڪيو ويو آهي ۽ ان کي تيزي سان اڳتي وڌايو ويندو. سينيٽرن به اهم تجويزون ڏنيون آهن. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو به شڪر گذار آهيان. وفاقي حڪومت ڪيترن ئي تجويزن تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسٽيشنري شين تي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ برقرار رکي وئي آهي، ترقياتي بجيٽ ۾ جاري منصوبن لاءِ 81 سيڪڙو رقم رکي وئي آهي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏني ويندي. ناڻي واري وزير قومي اسيمبلي ۾ ڪم ڪندڙ اي پي پي، ريڊيو پاڪستان، پي ٽي وي، سي ڊي اي جي ملازمن کي ٽن بنيادي پگهارن جي برابر اعزازي پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي وزير چيو ته زراعت، تعليم ۽ صحت جا شعبا حڪومت لاءِ اهم آهن، خيراتي اسپتالن کي سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. وقت اچي ويو آهي ته جيڪي دڪاندار ايف بي آر جي واپاري اسڪيم جو حصو نه آهن انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، پينشن سڌارن ذريعي بچت ڪئي ويندي. اسان کي هٿياربند فوج جي ڪارڪردگي تي فخر آهي. حڪومت هٿياربند فوج کي گهربل وسيلا فراهم ڪندي ۽ فوج کي وسيلن جي فراهمي کي يقيني بڻائيندي. حڪومت سي پيڪ فيز 2 لاءِ قدم کڻي رهي آهي، چيني ماهرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، چينين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ضروري آهي. حڪومت آءِ ايم ايف جي ايندڙ پروگرام لاءِ اڳڀرائي ڪري رهي آهي جيڪو پاڪستان لاءِ ضروري آهي اهي ڪوشش آهي ته ايندڙ آءِ ايم ايف پروگرام کي پاڪستان جو آخري پروگرام بڻايو وڃي. مهانگائي گهٽائڻ حڪومت جي ترجيح آهي، وزيراعظم صنعتي شعبي لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي.